انگي حساب (مولچند منگھومل واسواڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انگي حساب
مصنف مولچند منگهومل واسواڻي
ٻولي سنڌي
شايع ڪندڙ نئشنل پريس، حيدرآباد پهريون ڇاپو
نئشنل پريس، حيدرآباد 1934ع ٻيو ڇاپو
نئشنل پريس، حيدرآباد 1941ع ٽيون ڇاپو
تاج محل پريس، 1944ع پنجون ڇاپو
ڇاپي جي تاريخ
1928
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب (ڪرائون سائيز)
صفحا 143

انگي حساب مولچند منگهومل واسواڻيءَ ۽ ساٿين جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 143 صفحا ۽ قيمت 10 آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ميشرس ايم. ايم واسواڻيءَ، نئشنل پريس، حيدرآباد مان سال 1928ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ڇاپو ٽيون، نئشنل پريس، حيدرآباد مان 1934ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، مولچند وشنداس، پاپولر پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو، مولچند وشنداس، تاج محل پريس، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو، تاج محل پريس، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 176 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو اٺون ڇاپو، سنڌ بوڪ ڊيپو طرفان تاج محل پريس، حيدرآباد مان 1946ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 118 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو نائون ڇاپو به ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 118 صفحا آهن ۽ قيمت 7 آنا ڄاڻايل آهي، جيڪو مولچند وشنداس واسواڻيءَ، نئشنل پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپايو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "انگي حساب 10". انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا. حاصل ڪيل 22 June 2018.