انگي حساب (مولچند منگھومل واسواڻي)
| ليکڪ | مولچند منگهومل واسواڻي |
|---|---|
| ٻولي | سنڌي |
| ڇاپيندڙ | نئشنل پريس، حيدرآباد پهريون ڇاپو نئشنل پريس، حيدرآباد 1934ع ٻيو ڇاپو نئشنل پريس، حيدرآباد 1941ع ٽيون ڇاپو تاج محل پريس، 1944ع پنجون ڇاپو |
| ڇپائي تاريخ | 1928 |
| ذريعي جو قسم | ڪتاب (ڪرائون سائيز) |
| پنا | 143 |
انگي حساب مولچند منگهومل واسواڻيءَ ۽ ساٿين جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 143 صفحا ۽ قيمت 10 آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ميشرس ايم. ايم واسواڻيءَ، نئشنل پريس، حيدرآباد مان سال 1928ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ڇاپو ٽيون، نئشنل پريس، حيدرآباد مان 1934ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، مولچند وشنداس، پاپولر پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو، مولچند وشنداس، تاج محل پريس، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو، تاج محل پريس، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 176 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو اٺون ڇاپو، سنڌ بوڪ ڊيپو طرفان تاج محل پريس، حيدرآباد مان 1946ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 118 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو نائون ڇاپو به ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 118 صفحا آهن ۽ قيمت 7 آنا ڄاڻايل آهي، جيڪو مولچند وشنداس واسواڻيءَ، نئشنل پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپايو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "انگي حساب 10". انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا. 22 June 2018 تي حاصل ڪيل.