انڪيوبيٽر (مشين)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ -انگريزي- لفظ آهي، جنهن کي آنن ڦوڙڻ جي مشين چئجي ٿو، جيڪو مصنوعي طريقي سان بيضن مان چوزن ڪڍڻ واري عمل لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هونئن ته بيضن مان چوزن ڪڍڻ جا مصنوعي طريقا صدين کان هلندا اچن ٿا، پر گذريل 70- 60 سالن ۾ هن طريقي ڪافي -ترقي- ڪئي آهي. سڀ کان پهرين مصر ۾ چوزن ڪڍڻ لاءِ سِرنُ جو انڪوبيٽر ٺاهيو ويو. ارڙهين صديءَ جي وچ ۾ ڇيڻي جي گرميءَ ذريعي چوزن ڪڍڻ جو تجربو ڪيو ويو. اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ گرم هوا جو انڪوبيٽر ايجاد ٿيو. ۽ 1844ع ۾ گرم پاڻيءَ جو انڪوبيٽر تيار ڪيو ويو. نيٺ 1925ع ۾ بجليءَ جي ذريعي هلڻ وارو انڪوبيٽر ايجاد ٿيو. اڄڪلهه بجليءَ جي ذريعي هلڻ وارو انڪوبيٽر ئي گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي، پر گئس، گاسليٽ ۽ ڪوئلي سان هلڻ وارا انڪوبيٽر به اچي ويا آهن. انڪوبيٽر گهڻو ڪري ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، -ان- ڪري اهڙن ڳوٺن، شهرن وغيره ۾ لڳايو وڃي ٿو، -جتي- چوزن جي گهرج وڌيڪ هوندي آهي ۽ -ان- سان گڏ آمد ۽ روانگيءَ جي سهوليت به ميسر هوندي آهي. ويم گهرن ۾ به وقت کان اڳ ڄاول -ٻار- جي جياپي لاءِ، بجليءَ تي ڪم ڪندڙ اهو -اوزار- ڪم ايندو آهي. هر طرح جي انڪوبيٽر جي لاءِ عمارت جي تعمير، صحت جي اصولن تي هئڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ روشنيءَ ۽ هوا جو به سٺو انتظام ضروري آهي.[1]

حوالا[سنواريو]