آنو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
آنو

پکين ۽ ڪجهه ٻين جانورن جا بيضا يا آنا، جدا جدا ماپ، وزن ۽ رنگ جا ٿين ٿا. ننڍڙا پکي آنا گهڻا لاهيندا آهن. مادي باز فقط ٻه آنا لاهيندي آهي. زمين تي آنا ڏيندڙ اڪثر پکين جا آنا چِٽ چِٽ هوندا آهن. مٿي وڻن تي آکيرن ۾ آنا ڏيندڙ پکي اڇا يا ماحول مطابق رنگين آنا ڏين ٿا. آني جي ٻاهرين کل چُن جي جُزن مان جڙيل آهي، جو اُن مان هوا لنگهي سگهي ٿي. اندرين کل تمام سنهي آهي. انهيءَ جي اندر پهرين اَڇاڻ آهي، اڇاڻ جي اندر وري پيلاڻ آهي ۽ پيلاڻ وارو گولو آني جو ضروري ڀاڱو آهي. آني جي موڪري ڇيڙي ۾ هوا بند رهندي آهي. پيلاڻ واري گولي جي وچ ۾ هڪڙو ننڍو ٻج ٿئي ٿو، جنهن مان پکي پيدا ٿيندا آهن. پيلاڻ ۽ اڇاڻ اُن ٻچي جو کاڌو آهي. خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ جا پکي، ڪرڙيون ۽ نانگ آنا ڏيندا آهن. ڪُڪڙ جو آنو، جنهن کي فارسيءَ ۾ ’تخم مرغ‘ چوندا آهن، تري يا اوٻاري کائبو آهي. آنو طبي لحاظ سان گرم خشڪ اثر رکندڙ آهي. آني جي هئڊاڻ دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي. مثاني جي بيمارين کي هٽائيندي آهي. حڪيم چون ٿا ته آني جي اڇاڻ سُرڪي يا بابوني جي تيل ۾ گڏي، سور يا سوڄ واري هنڌ تي لائڻ سان، فائدو ٿيندو.[1]