انکرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اَنکرو:(انگريزي: Ankhro) ھڪ ول جو نالو آھي. هيءَ ول جهنگ ۾ تامگهڻي ٿيندي آهي ۽ مُرٽن، ٻُوهن، ڄارين، ڦوڳن، کِپَن ۽ سِڻن تي ڇانئجي ويندي اهي. اُن جا پن ننڍا ٽڪنڊي شڪل جا ٿين، ۽ اُن جو ڦَل ڀڳڙي جو چٽڪمر سائي رنگ جو ٿيندو آهي. جو پچڻ بعد ڳاڙهو پيلو ٿي پوندو آهي. ڪنهن ڪم ڪونه اچي. هيءَ ول اُٺ ۽ ٻڪريءَ جو خاص کاڌو آهي، رڍون ۽ ڇيلا به کائيندا آهن[1].ٿر ۾ ٿيندڙ هڪ قسم جي ول، جيڪا جهنگ ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ مرٽن، ٻُوهن، ڄارين، ڦوڳن، کِپن ۽ سِڻن تي ڇانئجي ويندي آهي. هن جا پن ننڍا -ٽڪنڊي- شڪل جا ٿين ٿا ۽ -ان- جو ڦر ڀڳڙي جيڏو چِٽڪَمرو سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو ڪنهن به ڪم نٿو اچي. هيءَ ول، اُٺن، ٻڪرين، رڍن ۽ ڇيلن جو خاص کاڌو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. انکرو : (Sindhianaسنڌيانا)