انڙ پور واري جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪبر بادشاهه ملتان ۾ منزل انداز ٿيو تہ ٻيا سڀ صوبا سندس سلاميءَ تي ويا. پر ٺٽي جو حڪمران جاني بيگ نه ويو، تنهن تي اڪبر بادشاهه، خان خانان کي ٺٽي تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو. مرزا جاني بيگ به لشڪر وٺي خان خانان سان انڙپور وٽ اچي سامهون ٿيو. پهرين ڏينهن جي جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا هزارين سپاهي مارجي ويا، ليڪن فتح ۽ شڪست جو ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو. ٻئي ڏينهن واري جنگ شروع ٿي ته خان خانان جي لشڪر پهريائين توپن سان حملو ڪيو ۽ پوءِ هاٿين جي قطار سنڌ جي لشڪر تي چاڙهي ۽ ان جي پويان سوارن ۽ پيادن سان حملو ڪيو. مغلن وٽ هٿيار ۽ بارود بي انداز هئا ۽ لشڪر به گهڻو هو. آخر سنڌ جو سپاهه مارجي ويو ۽ مرزا جاني بيگ صلح جو جهنڊو ڏيکاري خان خانان آڏو پيش پيو. خان خانان، مرزا جاني بيگ کي وٺي اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيو، پر اتي مرزا جاني بيگ جي بهادريءَ جي گهڻي تعريف ڪيائين، جنهن تي اڪبر بادشاهه سندس خطا معاف ڪري کيس سڄي سنڌ جو حڪمران مقرر ڪرڻ چاهيو، پر مرزا جاني بيگ اهو قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي پٽ مرزا غازي بيگ لاءِ سفارش ڪيائين، جيڪا قبول پئي ۽ مرزا غازي بيگ سنڌ جو حڪمران مقرر ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]