انڌو ھينئر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انڌو هينئر (انگريزي: Enhydris Pakistanica) (اينهائڊرس پاڪستانيڪا) پاڻيواتوڙي نانگن (انگريزي: Homalopsidae ) يا پاڻي وارن نانگن جي جنس مان ھڪ جنس آهي جيڪا پاڪستان ۾ ملي ٿي. هنن بلائن جي خاص سڃاڻپ اها آهي ته انهن جون ناسون سامهون ۽ مٿي هونديون آهن، نڪ جو ڇلر پوين ڇلرن کان وڏو ٿئي ٿو، ۽ پڇ ڇيڙي وٽ چپٿرو هوندو آهي. هي پاڻيءَ ۾ رهندڙ نانگن مان آهي، جنهن جي هڪ جنس سنڌ ۾ رهي ٿي. ان ڪٽنب ۾ جنس Enhydris جون نمايان خاصيتون ناسن جي چوڌاري والوَ آهن جيڪي پاڻيءَ کي ناسن ۾ گهڙڻ کان روڪين ٿا. Enhydris Pakistanica (انڌو هينئر) ڊيگهه ۾ 0.5 کان 0.6 ميٽر هوندو آهي، ان جو پڇ 70 کان 100 ملي ميٽر ٿئي ٿو. هندستان ۾ هن جنس جو نانگ Smooth water Snake / Enhydris enhydris/ آهي، جنهن جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه (نـر) 0.90 ۽ (مادي) 0.96 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هي نانگ مضبوط جسم وارو آهي پر ان جي کَل ڍري ٿئي ٿي. مٿي ۽ ڳچيءَ ۾ فرق نٿو ڏسجي. مٿو ننڍو هوندو اٿس. ڇلر لسا، نرم ۽ چمڪيلا ٿين ٿا. اک جي پُتلي عمودي اٿس. جسم تي ڇلرن جون 27 کان 30 قطارون ٿينس ٿيون. هيءَ بلا ڏينهن جو سرگرم هوندي آهي. مڇيون ۽ ڏيڏر کائي ٿي. پاڻيءَ مان ٻاهر نه نڪرندي آهي. سياري ۾ ڍنڍن جي ڪناري ڏرڙن ۽ سوراخن ۾ رهندي آهي. زمين تي بيچين رهندي آهي. عام طور آبي ٻوٽن ۾ لڪي پئي هوندي آهي. ٻين بلائن وانگر زبان گهڙي گهڙي ٻاهر نه ڪڍندي آهي. پڪڙجڻ تي چڪ نه هڻندي آهي. گرم مند ۾ پاڻيءَ جي سوڪهڙي تي مارجي ويندي آهي. سنڌ ۾، خاص ڪري لاڙ ۾ درياهن سان لاڳيتين ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ملي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]