انيتا شاھ لڪياري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انيتا شاهه لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار آهي. هوءَ 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن.

تعليم[سنواريو]

سندس تعليم ايم.بي.اي (مارڪيٽنگ: 1998ع) ۽ ايم.اي (سوشيالاجي: 2002ع) آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (2000ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (07-2006ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين. ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.

ادبي سفر[سنواريو]

هن لکڻ جي شروعات 1994ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ 500 کان مٿي ڪالم لکيا آهن.

مهارتي سفر[سنواريو]

انيتا شاهه 1997ع کان 1999ع تائين بي.بي.سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو آهي. 1998ع ۾ ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2000ع تائين) ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ به انسٽرڪٽر رهي. ان بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ -تعليم- حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين. مارچ کان جون 2007ع تائين وائيس آف آمريڪا جي پروگرام”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽پروڊيوسر به رهي. ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سندس ڪي. ٽي. اين تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو نشر ٿي چڪا آهن. پي. ٽي. ويءَ تي به ڪم ڪيو اٿس. روزاني ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو اڃا به جاري رکيو اچي.

پيشو[سنواريو]

هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي. مئي 2001ع کان ڪجهه عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي. 2004ع ۾ CARE نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ 2006 ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين، جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف -ايگزيڪيوٽو- آهي. سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائي رهي آهي.2001ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ -جعفري- ادبي اوارڊ ۽ خان محمد پنهور اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او روينيو حيدرآباد طور (شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾) خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي.[1]