انوشڪا شنڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انوشڪا شنڪر

روڊولسٽڊيٽ فيسٽيول 2016 تي انوشڪار شنڪر
پس منظري معلومات
پيدائش جون 1981 (عمر 42 سال)[1]
لنڊن, انگلينڊ
تعلق هندستان ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم
صنف انڊين ڪلاسيڪل, ڪراس اوور
پيشا ستارست, ڪمپوزر
اوزار گلوڪاري, ستار, پيانو, تنبورو
سرگرم سال سال 1995–کان اڄ تائين
Labels اينجل, جرمن گراموفون
Associated acts روي شنڪر
ويبسائيٽ anoushkashankar.com

انوشڪا شنڪر (پیدائش 9 جون 1981) [1] هڪ هندستاني گٽارسٽ ۽ موسيقار آهي. هي پنڊت روي شنڪر جي ڌيء ۽ نورا جونز جي نڳي ڀيڻ آهي۔

ذاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

انوشڪا شنڪر لنڊن ۾ هڪ بنگالي هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿي. سندس نڍپڻ جا ڏينهن لنڊن ۽ دهلي ۾ گذريا هيا. روي شنڪر سڪينا سان ٻئي شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ انوشڪا ان جوڙي جي گهر۾ جنم ورتو. انوشڪا جي پيدائش جي وقت روي شنڪر جي عمر61 سال هئي. پنهنجي پيءُ جي پاران، هوءَ آمريڪي گلوڪارا نورا جونز (گيتالي نورا جونز جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي) ۽ شوڀندر "شڀو" شنڪر جي نڳي ڀيڻ آهي، جيڪا 1992 ۾ مري وئي۔ [1]

ننڍي عمر ۾، هيءَ ڪيليفورنيا جي شهر اینسیٽاس ۾ رهي آهي ۽ سان ڊياگو ڪائونٽي هاءِ اسڪول اڪیڊمي ۾ پڙهي آهي. انوشڪا 1999 ۾ گريجويشن ڪئي. پوءِ ڪاليج نه وئي ۽ موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکڻ جو فيصلو ڪيائين۔ [1] [2]

ايوارڊ[سنواريو]

  • برٽش هائوس آف ڪامنس شیلڊ ، 1998
  • 2003 ۾ عورتن جو ساليانوعالمي ڏينهن تي 'وومن آف دي ايئر ایوارڊ' [1]
  • 2004 ۾ ايشين ایڊيشن آف ٽائم وسيلي 20 ايشين هيروز ۾ هڪ نالي سان منسوب ٿي
  • 2003 ۾ هوءَ پنهنجي هڪ البم 'لائيو ايٽ ڪارنیگي هال' ۾ عالمي معيار جي زمري ۾ گريمي ايوارڊ جي لاءِ نامزد ٿي ۔ هوءَ ان زمري ۾ نامزد ٿيڻ واري سڀ کان ننڍي عمر واري عورت هئي۔
  • 2005 ۾هوءَ پنهنجي چوٿين البم 'رائز' جي لاءِ بهترين هم عمر عالمي موسيقي جي زمري ۾ هڪ ٻئي گريمي جي لاءِ نامزد ٿي۔
  • 2013 ۾هوءَ پنهنجي البم 'ٽريولر' جي لاءِ بيسٽ ورلڊ ميوزڪ ڪيٽيگري ۾ ٽئين گريمي جي لاءِ نامزد ٿي وئي۔
  • 2014 البم 'ٽريس آف يو' جي لاءِ بهترين ورلڊ ميوزڪ ڪيٽيگري ۾چوٿين گريمي جي لاءِ نامزد ٿي۔
  • 2015 ۾ البم "هوم" جي لاءِ بهترين عالمي موسيقي جي زمري ۾ پنجين گریمی جي لاءِ نامزد ٿي۔
  • 2016 ۾ هوءَ پنهنجي البم "گولڊ آف گولڊ" جي لاءِ بهترين عالمي موسيقي جي زمري ۾ ڇهين گريمي جي لاءِ نامزد ٿي۔
  • 2012 ۾ سونگ لائنز ميوزڪ ايوارڊ ۾ پنهنجي البم 'ٽريولر' جي لاءِ بهترين مصور جو اعزاز حاصل ڪيو۔ [3]
  • 2017 ۾ ، هن هندوستاني ڪلاسيڪي ۽ ترقي پسند عالمي موسيقي جا منظر ۾ نمايان ڪاميابين تي مشرقي آئي آرٽس ، ثقافت ۽ ٿهيٽر ايوارڊ (ايڪٽا) کٽيو۔

سرگرمي[سنواريو]

شنڪر جانورن جي حقن جي وڪيل آهي۔ هيءَ ۽ هن جو پيءُ، پپپلز فرام ايٿليٽڪ ٽريٽمينٽ آف اينيملز (پي ٽي اي) جي لاءِ جانورن جي تڪليفن جي خلاف ٽيهه سيڪنڊ عوامي خدمت جي اعلان ۾ حاضرٿيا ۔ [4] انوشڪا ڀارت ۾ گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان به ٿي

سال 2013 ۾، دهلي ۾ هڪ ننڍي عمرجي ڇوڪري (عصمت دريءَ جي شڪار ٿيل جو نالي جو اعلان ڪرڻ ڀارتي قانون جي خلاف آهي) ۾ هن ان دل جهوريندڙ اجتماعي زيادتي جو جواب ڏنو ، جنهن کي ڀارتي ميڊيا عصمت دري جو معاملو قرار ڏنو ، شنڪر چينج آرگنائزر تي پوسٽ هئي۔ ان مهم ۾ هِنَ وَنِ بلين رائزنگ مومنٽ کي سهائتا ڪئي[5] جنهن م عورتن جي خلاف ڏَوهَنِ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو۔ مهم ۾ حصي طور هن ،هڪ ویڊیو جاري ڪيو جنهن ۾ هن اهو ظاهر ڪيو ته هن کي ننڍپڻ ۾ ئي ڪيترن ئي سالن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو۔

ذاتي زندگي[سنواريو]

شنڪر گڏيل آمريڪي رياستون ، برطانيا ۽ هندوستان ۾ وڏي ٿي . 2009 ۾ برطانوي هدايت ڪار جورائٽ سان لاڳاپا رکڻ کانپوءِ ، لنڊن هلي وئي جتي ان سان 26 سيٽمبر 2010 تي شادي ڪيائين۔ جنهن مان کيس پهريون پٽ ذوبن شنڪر رائٽ 22 فيبروري 2011 تي پیدا ٿيو. ۽ ٻيو پٽ موهن شنڪر رائٽ 17 فيبروري 2015 پيدا ٿيو۔ [6]

2018 ۾ هن کي طلاق ملي هاڻي هوءَ پنهنجي ٻنهي پُٽن سان گڏ لنڊن ۾ رهندي آهي۔

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "Anoushka Shankar Biography". Musician Biographies. Net Industries. وقت 20 July 2008 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 January 2009. 
  2. Chhibber, Kavita. "Anoushka Shankar". Kavita Chhibber. حاصل ڪيل 27 July 2015. 
  3. "Songlines – Music Awards – 2012 – Winners". Songlines. حاصل ڪيل 14 February 2013. 
  4. "Kentucky Fried Cruelty :: Celebrity Support :: Anoushka Shankar ad Pundit Ravi Shankar". Kentucky Fried Cruelty. P ETA. 
  5. "Anoushka Shankar supports the One Billion Rising movement". Yahoo Celebrity India. 
  6. "Ravi Shankars Website". وقت 26 February 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 March 2011.