انور پيرزادو اڪيڊمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انور پيرزادو اڪيڊمي، نامور نقاد، صحافي، اديب ۽ شاعر انور پيرزادي جي ياد ۾ سندس فرزند زرار پيرزادي جي ڪوشش سان قائم ٿي آهي، هن اڪيڊميءَ هن وقت تائين 6 ڪتاب ڇپايا آهن، -جن- ۾ (ا) متان وساريو (2007)، (2) -ڀٽائي -(2007ع)، (3) ممبئي ياترا (ڀارت جو سفر نامو: 2008ع)، (4) سنڌ (2008ع)، مهين جو دڙو (2009ع) ۽ (6) جديد سنڌي -ادب -(-جنوري- 2010ع) شامل آهن. سڀئي ڪتاب -انور- پيرزادي اجي تحريرن تي مشتمل آهن. اها اڪيڊمي گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ واقع آهي.[1]

سنڌ جي ناليواري صحافي ليکڪ ۽ اديب -انور- پيرزادي جي نالي سان منسوب هن اڪيڊميءَ جو بنياد سندس فرزند زرار پيرزادي، 2007ع ۾ رکيو. هيءَ اڪيڊمي -انور- پيرزادي جي وفات ڪرڻ بعد وجود ۾ آئي آهي ۽ -انور- پيرزادي جي اڻ ڇپيل مواد کي وقت به وقت ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪندي رهي آهي. هن اڪيڊميءَ هن وقت تائين -انور- پيرزادي جا -اٺ- ڪتاب: (1)’متان وساريو‘ (2007ع)، (2)’ڀٽائي‘ (2008ع)، (3)’موهن جو دڙو‘ (2009ع)، (4)’ممبئي ياترا‘ (سفر نامو 2009ع)، (5)’سنڌ‘ (2009ع)، (6) ’جديد سنڌي ادب‘ (2010ع) (7) انٽرويو ۽ تقريرون (2010ع) (8) ڀڻ جهڻ (2012ع) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]