انور علي سرھيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ ۽ استاد انور علي سرهيو ولد محمد اسماعيل سرهيو دادو شھر ۾ 10 نومبر 1945ع تي ڄائو. 1962ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ اسڪول دادوءَ مان ميٽرڪ ۽ 1966ع ۾ ڊگري ڪاليج دادو مان بي. اي ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي (اقتصاديات) ڪيائين. ان دوران ’شارٽ هينڊ ٽائيپ‘ ۾ ڊپلوما پڻ ڪيائين ۽ 1970ع ۾ گورنمينٽ ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ دادوءَ ۾ انسٽرڪٽر طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. جتي اڳتي هلي ساڳي اداري جو پرنسپال بڻيو، ان وچ ۾ 1986ع کان 1998ع ۾ گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ سيوهڻ جو انچارج رهيو ۽ آخر ۾ دادو واري ٽريننگ انسٽيٽيوٽ مان رٽائر ڪيائين.

انور علي سرهيي پھريون ڀيرو 1981ع ۾ ٽائيپ رائيٽنگ جو تدريسي ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇاپيو ويو. 2002ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان گورنمينٽ ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ دادو جي ڪارڪردگي تي کيس گورنر سنڌ طرفان انعام ۽ سندس ٻن شاگردن کي گولڊ ميڊل پڻ مليا. ان امتحان ۾ سندس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ پھريون نمبر ماڻيو. 2003ع ۾ هو اي. ڊي. او لٽريسي ۽ تعليم بالغان جي عھدي تي پڻ رهيو. پاڻ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن جي گورننگ باڊي جو ٻہ سال ميمبر رهيو. 1975ع کان وٺي ”سگا“ دادو شاخ جو ميمبر هئڻ سان گڏ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر پڻ آهي. هن وقت سندس رهائش دادو شھر ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]