انس راڄپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مترجم ۽ ليکڪ -انس راڄپر- 30 -آڪٽوبر- 1961ع تي ڳوٺ ڏنگيجا ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. فاضل درس نظامي (شهادت العالميه) ۽ ايم. فل (اسلاميات) ڪئي اٿائين. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ لئبريريءَ جي ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪيتريون ئي تحريرون شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) حيات محمد صلي -الله- عليه وسلم (حسنين هيڪل جي ڪتاب جو ترجمو: 2001ع)، مفتاح الصلواة: فتح محمد سيوهاڻيءَ جي فارسي ڪتاب جو ترجمو: 2006ع)، (3) -امام- شاهه ولي -الله- جو فلسفو (مولانا عبيدالله سنڌي، ترجمو: 2003ع)، (4) قرآن سمجهڻ جا اصول (شاهه ولي -الله- دهلوي، ترجمو: 2002ع)، فرائض السلام (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ ترتيب: 2010ع) شامل آهن. هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]