مواد ڏانھن هلو

انساني تھذيب جي ارتقا (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تهذيب- جي ارتقا بابت اصل ۾ هي ول ڊيورانٽ جو ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو رازشر ڪيو آهي، ڇهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ انساني -تهذيب-، رهڻي ڪهڻي، سماجي اخلاقيات، مذهب، شادي، سائنس، آرٽ، قديم -پٿر- جي دور جا فنن وغيره بابت مختصر پر جامع طريقي سان تهذيبي ارتقا بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو پبلشر لکي ٿو ته ”غارن واري -انسان- کان وٺي مريخ تي رسڻ جون ڪوششون ڪندڙ -انسان- ڪهڙن مرحلن مان گذريو آهي، اهو هن ڪتاب ۾ موجود آهي.“ پڪي جلد سان هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ -ان- جي قيمت 100 روپيا آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2025-01-24 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-15 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)