ام ڪلثوم (مصري ڳائڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ام ڪلثوم (مصري ڳائڻي)
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (عربي مصري ۾: فاطمه ابراهيم السيد البلتاجى خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 31 ڊسمبر 1898[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 3 فيبروري 1975 (77 سال)[2][3][4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
قاھرہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن قاھرہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت مصر (1971–1975)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو اداڪار  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات[6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

اُم ڪلثوم 4 مئي 1904ع ۾ مصر جي ڳوٺ تميزيحرا ۾ ڄائي. ننڍپڻ کان کيس ڳائڻ جو بيحد شوق هو. سندس والد -امام- کيس قرآن شريف پڙهايو ۽ 12 سالن جي عمر ۾ هوءَ حافظ قرآن بڻي. سورنهن سالن جي عمر ۾ هن کي قاهره ۾ ابو لالا محمد ۽ ذڪريا احمد پاڻ سان گڏ ڳائڻ جي آڇ ڪئي. اهي ٻئي پنهنجي وقت جا تمام وڏا گائڪ هئا. 1923ع ۾ کيس باقاعده دعوت ملي. قاهره ۾ هن پنهنجي فن جو بهترين مظاهرو ڪيو ۽ اوارڊ حاصل ڪيو. اتي سندس ملاقات وڏي شاعر احمد رامي سان ٿي، جنهن هن لاءِ 137 گيت لکيا. هن شاعر کيس فرانس ۾ به متعارف ڪرايو. ساڳئي وقت مشهور ڪمپوزر اِل ڪسايحي سان به سندس ميل ميلاپ ٿيو، جنهن کيس عربي ٿيٽر ۾ متعارف ڪرايو. 1932ع ۾ هن مشرق وسطيٰ جو دورو ڪيو، جنهن دوري ۾ هوءَ دمشق -بغداد-، بيروت ۽ ٽريپوليءَ وئي. 1948ع -جمال عبدالناصر- سان تمام ويجهو ٿي، جيڪو اڳتي هلي مصر جو صدر بنيو. جلد هيءَ عرب جي قوم پرست ڳائڻن واري انجمن ۾ شامل ٿي ويئي ۽ هن -جمال عبدالناصر- جي نظرين کي عوام تائين ڳائڻ وسيلي پهچايو. ام ڪلثوم ايتري حد تائين مقبول وئي، جو، جڏهن مهيني ۾ هڪ ڀيرو هوءَ ريڊيو تي ڳائيندي هئي، ته سندس ڪلام کان پوءِ سرڪاري ايجنڊائون نشر ڪيون وينديون هيون، ڇو ته مهيني جي هر پهرين خميس تي هوءَ ريڊيو تي ڳائيندي هئي. ۽ ماڻهن جا حشام گهٽين، هوٽلن ۽ تفريح گاهن ۾ کيس ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. اتي ڪو به پيغام ماڻهن تي بيحد اثر ڇڏيندو هو. هي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندي هئي. سندس ڪلام ۾ پيار محبت ۽ قومي ٻڌيءَ جا ويچار هوندا هئا. هن ڳائڻ کان سواءِ اداڪاريءَ ۾ حصو ورتو. 1953ع ۾ هن هڪ ڊاڪٽر حسن اِل هفنوئي سان شادي ڪئي، جنهن ۾ شرط رکيل هو ته هوءَ جڏهن به چاهيندي ته کانئس طلاق وٺي سگهندي. کين ڪو به اولاد نه ٿيو. 1967ع ۾ هو Nephritis جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي. ام ڪلثوم نيل جي محل ۾ آخري دفعو 1972ع ۾ ڳاتو. کيس سرڪاري طور علاج لاءِ -آمريڪا- به موڪليو ويو، پر 1975ع ۾ هي عظيم آواز دنيا کي هميشه لاءِ ڇڏي ويو. سندس وفات 3 فيبروري 1975ع تي قاهره جي اسپتال ۾ ٿي. سندس جنازي ۾ اٽڪل 65 لک ماڻهن شرڪت ڪئي. هن جي گائڪي جي انداز نه رڳو عرب دنيا کي متاثر ڪيو، پر مغرب وارن به سندس ڳائڻ جي انداز کي پنهنجو ڪيو. ام ڪلثوم جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون، جيڪي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين وڏي شوق سان ٻڌن ٿا.[7]

حوالا[سنواريو]

  1. عنوان : Store norske leksikon
  2. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  3. subject named as: Umm Kulthum — FemBio ID: https://www.fembio.org/biographie.php/frau/frauendatenbank?fem_id=27538 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=Om_Kalsoum — subject named as: Om Kalsoum — عنوان : Store norske leksikon
  5. Diamond Catalogue ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/44414 — subject named as: Fāṭima Ibrāhīm as-Sayyid al-Beltāǧī, Umm Kulṯūm
  6. MusicBrainz artist ID: https://musicbrainz.org/artist/0a354a70-b879-4697-ad9b-60bfe2bd1d63 — اخذ شدہ بتاریخ: 16 سيپٽمبر 2021 — ناشر: MetaBrainz Foundation
  7. ام ڪلثوم : (Sindhianaسنڌيانا)