امير علي شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد -امير علي شاهه- ولد سيد نور علي شاهه -تاريخ- پهرين مئي 1947ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هڪ ديني عالم، اديب ۽ خطيب آهي. جيڪب -آباد- ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيو. همايون شريف واري مدرسي مان درسِ نظاميءَ جي سند حاصل ڪيائين. -جامع مسجد- -بخاري- درگاهه جو گادي نشين به آهي. پنهنجي والد سيد نور علي شاهه جي عرس جو هر سال انتظام ڪندو آهي ۽ -ان- جي زندگيءَ تي هڪ جامع ڪتاب ”انوار نور علي شاهه“ نالي سان لکي 1997ع ۾ شايع ڪرايائين. پاڻ جماعت -اهلِ سنت- و جماعت ضلعي جيڪب -آباد- جو -امير- آهي.[1]

حوالا[سنواريو]