امير حيدر شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي قومپرست سياستدان جي. ايم. سيد (غلام مرتضيٰ) جو وڏو فرزند سيد -امير حيدر شاهه-، سال 1933ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ننڍي -ڀاءُ- -امداد محمد شاهه- سان گڏ ڪجهه عرصو علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ -تعليم- ورتائين. مئٽرڪ تائين -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ -انگلنڊ- ويو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سندس والد محترم سائين جي. ايم. سيد، ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ هو. -امير حيدر شاهه- جي -انگلنڊ- ۾ اعليٰ -تعليم- لاءِ وڃڻ سبب سندس ننڍو -ڀاءُ- سيد -امداد محمد شاهه-، باوجود خواهش جي، ميڊيڪل ۾ پڙهائي برقرار رکي نه سگهيو ۽ پيءُ ۽ -ڀاءُ- جي غيرموجودگيءَ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو.

امير حيدر شاهه ولايت مان اعليٰ -تعليم- حاصل ڪري واپس وطن اچڻ تي پنهنجي زمين جي سنڀال ۽ زمينداري معاملن تي ڌيان ڏنو. سندس والد 1948ع ڌاري ئي پنهنجي جائداد ۽ زمينون ۽ جائداد پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون، -ان- ڪري -امير- حيدرشاهه پنهنجي حصي جي زمين، جيڪا ڪوٽڙي ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ هئي، سنڀالڻ لڳو. هن، سن ۽ آسپاس جي راڄن تي هٿ رکيو ۽ انهن جي راڄوڻي فيصلن ۾ حصو وٺندو رهيو. معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته عوامي فيصلن ڪرڻ ۾ -امير حيدر شاهه- جو مثال نه آهي ۽ فيصلي وقت مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏيندو آهي. هو فيصلي تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻي ٿو. پنهنجن راڄن ۽ دوستن جو خيرخواهه ۽ مددگار رهيو آهي. مهمان نوازي، والد ۽ وڏن کان ورثي ۾ مليل اٿس. سندس والد صوفي مسلڪ جو هو، جڏهن ته -امير حيدر شاهه- فڪري طرح -اهل- تشيعت سان واسطو رکي ٿو. محرم الحرام جي مهيني ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ حضرت -امام حسين عليه السلام- جي نالي تي نذر نياز ڪندو ۽ مجلسون ڪرائيندو آهي. سيد -امير حيدر شاهه- پنهنجي سياسي ڪردار جي شروعات 1961ع کان ڪئي، جڏهن هو سن يونين ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو. هن چيئرمئن ٿيڻ شرط شهرين -تان- پوليس جو آزار ختم ڪرايو ۽ ٿاڻي وارن عملدارن ۽ پوليس وارن کي گهرائي هدايت ڪيائين ته سن ۽ آسپاس جي ماڻهن کي نه ستائين ۽ نه رشوت وٺن، پوليس جي شهر جي حد تائين کاڌي پيتي جي هر ضرورت سندس طرفان پوري ڪئي ويندي. هن سن ۽ آسپاس -آمري- وغيره علائقي ۾ اسڪولن کولائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سن مڊل اسڪول (بعد ۾ هاءِ اسڪول) جي شاگردن جي مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي -ڀاءُ- -امداد محمد شاهه- سان -ٻانهن- ٻيلي رهيو. 1965ع ۾ جنرل -ايوب خان- جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. -ان- دور ۾ دادو ضلعي کي سياسي طرح قومي اسيمبليءَ جي فقط هڪ سيٽ مليل هئي. سندس مقابلو سنڌ جي نامياري ۽ باوقار سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ سان ٿيو ۽ -ان- کان سيٽ کٽي ويو. نواز شريف جي پهرئين دور اقتدار ۾ -امير- حيدرشاهه آزاد اميدوار طور سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. هن قومي اسيمبليءَ توڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو. بعد ۾ هن سياست سان دلچسپي گهٽائي ڇڏي ۽ گذريل صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پنهنجي ڀائٽي ۽ ناٺي -جلال- محمود شاهه جي حمايت ڪيائين ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مضبوط اميداوار ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه کي سندس -تڪ- ۾ شڪست ڏيارائي، -جلال- محمود شاهه کي ڪامياب ڪرايائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائم مقام اسپيڪر ٿيو. امير حيدر شاهه کي پنهنجا راڄ ڀاڳ آهن ۽ انهن جي فيصلن ۽ سماجي ڪمن سان ئي دلچسپي رکي ٿو. سماجي ڪمن جي سلسلي ۾ مخالفن توڙي پنهنجن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو آهي. سنڌ جي اڪثر خاندانن سان پنهنجي والد وانگر سماجي ناتا قائم رکندو اچي ٿو. سندس هڪ فرزند پي. آءِ. اي ۾ پائلٽ آهي، ٻيو فرزند ڊاڪٽر، ۽ باقي ٻه فرزند پيءُ سان گڏ زمينداري سنڀاليندا آهن، -جن- مان هڪ -آمريڪا- ۾ ڪجهه وقت اعليٰ -تعليم- به ورتي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]