امير بھادر ثاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امير -بهادر- ثاني-، -امير- فيروز خان دائودپوٽي جو فرزند هو، پيءُ جي وفات بعد پنهنجي قبيلي جو پڳدار/رئيس بڻيو، -ان- وقت پهرين -ترائي- (ضلعي شڪارپور) ۾ ابڙن سردارن سان سندس ڀائپي ۽ دوستيءَ جي لاڳاپن ۾ ڦيٽاڙو پيو. جنهن اتان ٻئي ڪنهن جڳهه تي سڪون سان رهڻ لاءِ زمين يا -جاگير- حاصل ڪرڻ لاءِ سرگردان رهيو. نيٺ وڏين سياسي ۽ سفارتي ڪوششن بعد -اتر- سنڌ ۾ موجوده شڪارپور واري -جاگير- حاصل ڪري، -ٻيلا- وڍائي هڪ نئين وسندي قائم ڪري ’شڪارپور‘ جو نالو ڏنائين. -امير- -بهادر- ثانيءَ جي شڪارپور واري -جاگير- حاصل ڪرڻ ۾ مورخن ۽ محققن ۾ اختلاف آهي. هڪڙن جو اهو چوڻ آهي ته -امير- -بهادر- خان اها قطع زمين -بکر- جي نواب کان حاصل ڪئي، ٻين محققن جو چوڻ آهي ته -بهادر- ثاني'>-امير -بهادر- ثاني- موجوده شڪارپور واري قطع زمين تڏهوڪي سبيءَ جي گورنر مرزا خان کان ورتي. ناليوارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- لکي ٿو ته: ’دائود پوٽن جي -بهادر- خان هن شهر جو بنياد وڌو، هن اورنگزيب -بادشاهه- طرفان ۽ سبي جي ڍاڍر جي نواب مرزا کان سنڌو نديءَ جي ڪناري سان وڏي ايراضي، جنهن ۾ خانپور، -ترائي- ۽ سکر وارا علائقا هئا، مقاطعي تي ورتا. اتي -ٻيلا- ۽ شڪار گاهه هئا، -ان- بعد دائودپوٽن 1026ھ/1617ع ۾ شڪارپور شهر جو بنياد وڌو. -امير- -بهادر- خان 1678ع تائين حڪومت ڪري 81 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند -امير- مبارڪ خان شڪارپور حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، جيڪو -ان- وقت ننڍو هو.[1]

حوالا[سنواريو]