امير بخش ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امير بخش ڀٽو، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي سئوٽ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت واري دور ۾ مقرر ٿيل سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ سياستدان ممتاز علي ڀٽي جو پٽ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جو وائيس چيئرمين آهي. هي هڪ دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

تعليم[سنواريو]

هن بي اي بڪنگهم يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. فل بين الاقوامي تعلقات ۾ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ڪئي. سندس ٿيسز جو عنوان هو ”1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ ۾ سپر پاورس جو ڪردار“. هن مختلف انگريزي سنڌي اخبارن ۾ ڊزن کان وڌيڪ مضمون پڻ لکيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]