اميد علي ڀٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميد علي ڀٽ(انگريزي: Umed Ali Bhat) سنڌ جي نامياري راڳي اميد علي جو -جنم- 1971ع ڌاري ڳوٺ هڪڙا، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ٿيو. هن جو تعلق سکر جي مشهور فنڪار گهراڻي سان هو. سندس والد -امداد حسين- عرف عيدن ڀٽ ريڊيو ۽ پي. ٽي. وي جو مشهور راڳي هو. پاڻ ڳائڻ جي تربيت ۽ سـکـيـا پـنهنجي والد ۽ مامي -استاد- زوار محمد -جمن- ڀٽ کان ورتائين. هن ننڍي عمر ۾ ئي راڳ جي شروعات ڪئي ۽ ڏينهن رات رياض ڪري پنهنجي آواز سان ڪلاسيڪل راڳ ڳائي مشهوري ماڻيائين. سندس سريلي آواز جي ڪري سينگار علي سليم کيس ڪي. ٽي. اين جي مقبول ڊرامي ”بالي“ ۾ مير علي نواز ناز جي ڪافي ’دلبر ملسي ڪهڙي وار‘ ڳارايو، جنهن کي هن تمام خوبصورت انداز ۾ ڳايو، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. اميد علي ريڊيو، پي. ٽي. وي، اسٽيج ۽ مختلف ٽي. وي چينلن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جو شمار سنڌ جي چند سريلن ۽ ڪلاسيڪل راڳين ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ڪافي هجي يا غزل سندس ڳائڻ جو انگ نرالو رهيو، جنهن کي هُو سريلي آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪندو هو. هن مشهور شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي نئين انداز سان ۽ نيون ڌنون ڪري ڳايو آهي، -جن- ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح، بيدل سائين، -اختر درگاهي-، -اياز گل- ۽ غلام نبي ناشاد شامل آهن. اميد جي ڳايل -اختر درگاهي- جي غزل ’دل جو دلبر ياد اچي ٿو‘، ’اي زمانان قرار ڳولي ڏيو‘ ۽ ’خوب نظرن سان نهاري ٿا ڇڏيو‘ شامل آهن. جڏهن ته سندس ٻين ڪمپوزيشن ۾ -اياز گل- جي وائي ’کسجي ويندي اچتو آهي هر خوشبو‘ غلام نبي ناشاد جي غزل ”اکڙيون ته مٺا تنهنجون منهنجي جان جلائين ٿيون“، شاهه لطيف جو ڪلام ’پرچن شال پنهوار‘ ۽ بيدل جي ڪافين ۾ ’-جوڳي- والي ويس ۾‘، ’لٽ ڏتئي دل ساڏي‘، ’-جاني- -جوڳي- دا ڪر بهانا‘، ’نئون نياپو آيو‘، ’عشق دا اعلي شان‘، ’ڪو نه ڏٺو سي جڳ منجهه جيڏيون‘ ۽ ’آوس نيڙي يار‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. کيس روهڙي ۾ بيدل سائين جي عرس جي موقعي تي 2006ع ۾ سندس فن جي مڃتا طور بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ’بيدل اوارڊ‘ مليو. هن 10 -جنوري- 2012ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]