اميد خيرپوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميد خيرپوري (انگريزي:Umed Khairpuri) (جنم:14 آگسٽ 1929ع-وفات:7 جولاءِ 2007ع) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مشهور شاعر اميد خيرپوريءَ جو پورو نالو اميد علي ولد زوار علي مراد -جمالي- آهي. شاعريءَ ۾ ”اميد خيرپوريءَ“ طور مشهور آهي. هو 14 -آگسٽ- 1929ع تي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. -اميد خيرپوري- اديب عالم تائين -تعليم- حاصل ڪئي. کيس پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. هن 1947ع کان شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ ”حامي“ صاحب سندس -استاد- هو. هن هر صنف تي شاعري ڪئي آهي، کيس قطعي يا چؤسٽي تي ملڪو حاصل آهي. شاعري گهڻو ڪري پابند يعني علم عروض تي ڪندو آهي. اميد خيرپوريءَ جي ڪلام جو ڪوبه مجموعو ڇپيل نه آهي، پر سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي ٿي. -ان- کان سواءِ سندس ڪلام ريڊيو خيرپور -تان- پڻ نشر ٿيندو رهندو آهي. هن 7 -جولاءِ- 2007ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]