اميد جو قتل (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب قومپرست رهنما ۽ سياستڪار عبدالواحد آريسر ،27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان متاثر ٿي لکيو. هي ڪتاب پنجن مضمونن تي مشتمل آهي، (1) -اميد جو قتل-، (2) ڌرتي ڌُڏي وئي، (3) هوءَ جڏهن سن آئي، (4) هن سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن ۽ (5) ڪڏهن سرخ ڦريرو لهرائيندو. هن ڪتاب جو مرتب واحد ڪانڌڙو آهي ۽ مهاڳ ناليواري صحافي ۽ ڪالم نگار -اعجاز- منگيءَ جو لکيل آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ذوالفقار جونيئر جي نالي ٿيل آهي، ڪتاب ۾ ”لُڙڪن جي ڀيٽا“ عنوان سان -تاج- جويي جو غزل شامل آهي. -ان- کان سواءِ سائين جي. ايم. سيد جا هيٺيان لفظ شهيد بينظير کي ڀيٽا طور ڏنا ويا آهن: ”بينظير -ڀُٽو- لياريءَ جي جلسي ۾ فوج ۽ پوليس جا گهيرا -ٽوڙي- شريڪ ٿي، -ان- سان منهنجي دل ۾ شاهه جي سورمين جو جذبو جاڳي پيو ۽ آءٌ کيس گلدستو موڪلي رهيو آهيان.“ چار رنگي ٽائيٽل تي شهيد بينظير جي -تصوير- آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي -تصوير- ۽ آسي زمينيءَ جو غزل ڏنو ويو آهي، ڪچي بائنڊنگ سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 87 صفحا آهن ۽ قيمت 80 روپيا آهي. ڇاپو پهريون، 7 فيبروري 2008ع تي گنجو ڏونگر پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]