امو کٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مزاحيه فنڪار ۽ اداڪار امو کٽيءَ جو پورو نالو -امام- بخش کٽي هو. هن 1938ع ڌاري جيڪب آباد ۾ -جنم- ورتو. سندس خاندان، کٽيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ سبب کٽي سڏجي ٿو. امو اڻ پڙهيل هو، ننڍپڻ کان ئي مزاج مطابق مزاحيه لطيفا چوندو هو. سنڌي ۽ -اردو- فلمن جا ڊائلاگ سکي، اداڪارن جهڙا ڪپڙا -پائي- ۽ -تلوار- کڻي ماڻهن کي ڪرتب ڏيکاريندو هو. جيڪب -آباد- جي ننڍن وڏن اسٽيج پروگرامن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪندو هو. کيس سنڌي فلمن جي مشهور ڊائريڪٽر حسين علي شاهه فاضلاڻي سنڌي فلمن ۾ متعارف ڪرايو، -جتي- هن پنهنجي فن ۽ قابليت سان ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. -ان- کانپوءِ -اردو- فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق سان لاهور ويو، -جتي- نامور اداڪارن محمد علي ۽ نديم سان گڏ -اردو- فلمن ”جاگ اٺا -انسان-“، ”-ارمان-“، ”انمول“ ۽ ٻين کوڙ فلمن ۾ ڪم ڪيائين. -امو کٽي- وات سان مختلف قسمن جا آواز ڪڍڻ سبب گهڻو ڪامياب ويو. هن پنهنجي فن ۾ ڪيترائي -انعام- ۽ اوارڊ پڻ حاصل ڪيا. -امو کٽي- 1980ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]