امروٽي انسائيڪلوپيڊيا (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امروٽي انسائيڪلوپيڊيا هيءُ ڪتاب حاجي عبدالحميد سومري مرزا پوريءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مختلف عنوانن هيٺ سوالن جوابن جي صورت ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مولانا تاج محمود جي شجري، ولادت، تعليم، تبرڪات، سياست، اخلاق، تبليغ ۽ ادبي خدمتن جي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ حزب الله آءِ سومري لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر گلزار احمد سومري ۽ پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئيءَ جا رايا پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. 92 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪ 2002ع ۾ پنهنجي خرچ سان شايع ڪرايو.[1]