امرت منجھ ڪڙاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار خاتون تنوير جوڻيجو جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’امرت منجهه ڪڙاڻ‘، 1978ع ۾، آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد ڇپيو هو. 144 صفحن تي مشتمل ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ -تنوير جوڻيجو- جون 12 ڪهاڻيون شامل آهن، -جن- ۾ صديون پراڻي سنڌي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ سلوڪ جي خارجي ۽ داخلي نفسياتي رخن جي اُپٽار ٿيل آهي. عورت، جيڪا -جنم- جنم کان هن ڪوڙهئي سماج کي پنهنجي رت جي ريج، صلاحيتن ۽ پورهئي سان ٺاهيندي آئي آهي، -ان- جي موٽ ۾ کيس ڇا مليو آهي؟ تنوير جي ڪهاڻين ۾ اُن سوال جي جواب جو عڪس آهي. هن پڪي جلد واري ڪهاڻين جي مجموعي جي قيمت 9 رپيا آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته هر ڪهاڻيءَ تي ڪنهن نامور مصور جو اسڪيچ ٺهيل آهي. اهڙن مصورن ۾ قيس ابڙو، سارنگ، طارق عالم، منصور عالم، فتاح ۽ رضوان شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]