امرتا (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپجندڙ، ڊيمي سائيز جي هن رسالي جو -ايڊيٽر- مشهور فنڪار ڍول فقير جو فرزند، فقير محمد ڍول آهي. هي رسالو ”ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ“ پاران حيدرآباد مان، -جولاءِ- 2001ع کان لڳاتار نڪرندو رهي ٿو. هن رسالي جي -ايڊيٽوريل- بورڊ ۾ نصير مرزا، -آسي زميني-، موهن مدهوش، -الطاف ملڪاڻي- ۽ عامر سيال شامل آهن. جڏهن ته فقير محمد اُنڙ -ان- جو پبلشر آهي. هي رسالو سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ ادبي رسالن ۾ پنهنجو نمايان مقام رکي ٿو. هن رسالي پاران مختلف شخصيتن تي ڪيترائي خاص نمبر ۽ ڪارنر ڪڍيا ويا آهن. جهڙوڪ: ’بينظير ڀٽو‘،’قمر شهباز‘، ’نصير مرزا‘، ’فوزيا سومرو‘، ’رفيق سومرو‘، ’علڻ فقير‘، ’ڍول فقير‘ وغيره. هن شماري جا هن وقت تائين 90 شمارا نڪري چڪا آهن. ڪهاڻين، شاعري، مقالن ۽ مختلف ليکن تي مبني هن رسالي جا اڄڪلهه 176 صفحا شايع ٿي رهيا آهن. جنهن جي قيمت 50 رپيا رکيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]