امراڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عمرڪوٽ (امرڪوٽ) کي لوڪ گيتن ۾ امراڻو ڳايو ويو آهي. ’امراڻو‘ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته پراڻي سمي ۾ شِوَ جي مندر کان وٺي ڏياتٻهه تائين لڳ ڀڳ ٻارهن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هو. روايت آهي ته شِوَ جو مندر ان زماني ۾ اَمراڻي جي وچ ۾ هوندو هو. هن وقت ان ايراضيءَ تي ڪافي ٺڪراٺو پکڙيل آهي، جتي مٽيءَ جي مڻڪن کان سواءِ ٻيون به ڪي شيون لڀن ٿيون، هينئر ’امراڻي‘ جو يادگار صرف ”شو جو مندر“ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]