امداد محمد شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد -امداد محمد شاهه-، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن، سنڌ جي بزرگ سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، 30 سيپٽمبر 1935ع تي سومر جي ڏينهن -جنم- ورتو. -امداد محمد شاهه- ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، -جتي- 1948ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول -بند- ڪيا ويا، -ان- ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. -ان- کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 54- 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو -ڀاءُ- -امير- حيدرشاهه اعليٰ -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ -بند- ڪيو ويو، -ان- ڪري کيس -تعليم- سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي. -ايس-. سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، 1965ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. -امداد محمد شاهه- کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، -ان- ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن 1956ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، -تعليم- جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي -تعليم- لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. امداد محمد شاهه، 1985ع ۽ 1988ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري -تڪ- مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. شاهه صاحب سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم‘ جي پليٽفارم -تان- سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. شاهه صاحب جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس وفات 29 سيپٽمبر 2004ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ 2007ع کان ڪم ڪري پيو.[1]

حوالا[سنواريو]

[1][2]

  1. "سڪرنڊ ۾ امداد شاھ فائونڊيشن ليڊيز ڪلب پاران ووٽ جي اهميت بابت سيمينار – آغازِ سنڌ". daily-aghaz-e-sindh.paagpublications.com (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2018-10-05. 
  2. "گهڻ رُخي شخصيت سيد امداد محمد شاهه – Daily Kalyan | روزاني ڪلياڻ". dailykalyan.com. حاصل ڪيل 2018-10-05.