امداد حسين
سنڌي موسيقيءَ ۽ سنگيت وديا جو ڄاڻو ۽ ناميارو ڍولڪ نواز -امداد حسين-، 1925ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو. سندس وڏا جيسلمير جي راجا جا درٻاري گائڪ ۽ موسيقار هئا. -امداد حسين- جڏهن پنجن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس گهراڻو جيسلمير مان اچي حيدرآباد سنڌ ۾ -آباد- ٿيو، -جتي- کيس -استاد بڙي غلام علي خان-، عاشق علي خان، بيبي خان، پياري خان ۽ ڇوٽي غلام علي خان جهڙن ڪلاڪارن کان موسيقيءَ جي علم سکڻ جو موقعو مليو. 1955ع ۾ ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد قائم ٿيو ته پاڻ هتي به ڍولڪ نواز جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌي فلمن جي موسيقي ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويو. هن -جن- فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، -تن- ۾ ’-بادل-‘، ’گهونگهٽ لاهي ڪنوار‘ ۽ ’پرديسيءَ جو پيار‘ قابل ذڪر آهن. سنڌي فلمن جي حوالي سان، -امداد حسين- واحد موسيقار آهي، جنهن مهدي حسن کي پنهنجي موسيقيءَ ۾ ڳارايو. 21 فيبروري سال 2000ع تي وفات ڪيائين.[1]