مواد ڏانھن هلو

امداد الله انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو نامور ۽ دلير -امداد -الله- انڙ- 21 مارچ 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. امداد -الله- ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس سندس والد 1944ع ۾ سيڪنڊري -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عربيه حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو. پر وري ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ اچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مارچ 1951ع ۾ سنڌ مسلم (آرٽس) ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين، -جتي- لساني جهيڙن ۾ يونيورسٽي انتظاميا تعصب ۾ هن جي چئن سالن جي ڊگري کي روڪي ڇڏيو، جيڪا سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي پاران سنڊيڪيٽ ۾ ورتل ڪوشش سبب بحال ٿي. 1954ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ -استاد- ٿي رهيو. سنڌ مسلم لا ڪاليج مان 1959ع ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان پوءِ -ٿوري- وقت لاءِ پوليس محڪمي ۾ پراسيڪيوشن سب انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1956ع ۾ ڪميشن ڪري صوبائي سول سورس ۾ شامل ٿيو. -ان- کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت ۾ جيڪب -آباد-، خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ڪري جلد ئي هي شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جي دور ۾ سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. آگسٽ 1977ع ۾ سانگهڙ جي مشهور ”حر ڪيس“ (ڇهن حرن جي قتل جي ڪيس) ۾کيس ضياءَ -الحق- جي حڪم تي گرفتار ڪري دٻاءُ وڌو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي-، ممتاز علي -ڀٽي- ۽ ڄام صادق علي مٿان گواهي ڏي پر هن مجاهد تڪليفون برداشت ڪيون، ليڪن ڪوڙي گواهي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. آخرڪار ضمانت تي ڇٽڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويو. هن عظيم -انسان- 28 مئي 2008ع ڌاري وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]