امتياز خان حسين اصفھاني
سيد امتياز خان اصفهاني ’خالص‘ پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن کي ميان يار محمد (خدا يار خان) ڪلهوڙي شهيد ڪرائي، سندس مال و اسباب پاڻ کنيو. امتياز خان جو اصل نالو سيد حسين شاهه هو ۽ هو اصفهان جو رهاڪو هو. -اورنگزيب عالمگير- جي زماني ۾ هندستان ۾ آيو ۽ گهڻو وقت دکن ۾ گذاريائين. هن کي امتياز خان جو خطاب عالمگير طرفان عطا ٿيو. عالمگير -بادشاهه- هن کي عظيم -آباد- صوفيءَ جي عدالت تي مقرر ڪيو هو. شاهه عالم -بهادر- شاهه -اول- جي دور ۾ پنهنجي لکين رپين جي مال سان گڏ -ايران- روانو ٿيو.هن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي گجرات جي نواب پنهنجي نياڻيءَ جي شادي امتياز خان سان ڪرائي. ’مفتاح التواريخ‘ ۽ ’عماد السعادت‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”سيد حسين مير بوعلي نالي مشهد جي عالم جو فرزند هو، جيڪو هندستان آيو.“ -بنگال- جو نواب سيد قاسم علي خان (مير قاسم) امتياز خان جو پوٽو هو. امتياز خان جي شهادت بابت ”مثرالڪرام“ ۾ مير غلام علي -آزاد بلگرامي- ڄاڻائي ٿو ته: ”سيد حسين امتياز خان اصفهاني جو تخلص ’خالص‘ هو، هو هندستان کان -ايران- وڃي رهيو هو، جڏهن سيوستان پهتو ته سنڌ جي زميندار ميان خدايار خان 1122ھ / 1710ع ۾ -ان- کي شهيد ڪرائي -ان- جي لکن جي مال تي قبضو ڪيو، -ان- کان پوءِ خدايار خان علامه عبدالجليل بلگراميءَ کي پيغام موڪليو ته هي واقعو جهڙي طرح پيش آيو آهي، تهڙيءَ طرح سوانح ۾ بيان نه ڪيو وڃي. -ان- لاءِ ٻه هزار سونيون اشرفيون علامه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جيڪي چوڏهن هزار رپين جي برابر ٿين ٿيون. علامه عبدالجليل ميان يار محمد خان جي هن پيشڪش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا حقيقت هئي -ان- کي قلمبند ڪيائين.“ مير عبدالجليل امتياز خان جي شهادت جي ماده -تاريخ- هينئن ڪڍي آهي:
”آه آه امتياز خان“
1122ھ ميان يار محمد ڪلهوڙو 1122ھ / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرائي، -ان- جي مال ملڪيت تي قابض ٿيو ۽ 1130ھ / 1718ع ۾ نامور صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد ۽ -ان- جي فقيرن کي پڻ وڏي بيرحميءَ سان قتل ڪرائڻ واري سازش ۾ برابر جو شريڪ هو. امتياز خان خالص جا شعر نهايت دلچسپ آهن، غزلن جي ديوان کان سواءِ مرثيه، سلام، قطعه تاريخون ۽ هڪ مثنوي پڻ آهي. سندس هڪ شعر ڏجي ٿو: شاعري کو همه دم مدح و ثنامي گويد روز شب نيک و -بد- شاه و گدامي گويد گاهه گر مدح کندگاهه هجامي گويد اين همه از پئي آنست که زر مخواهد. (ترجمو: شاعر جيڪو مدح و ثنا ڪندو رهي ٿو، شاهه و گدا کي ڏينهن رات سٺو خراب چوندو ڦري ٿو. ڪڏهن ڪنهن جي واکاڻ ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جي گلا ڪري ٿو، اهو سڀ انڪري ته کيس پئسا ۽ مال گهرجي.)[1]