اماڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
From a meteoroid to a meteor and meteorite.
Animated illustration of different phases as a meteoroid enters the atmosphere to become visible as a meteor and impact the Earth's surface as a meteorite.

اماڙو (انگريزي ٻولي: Meteoroid) هڪ حد تائين ڇڙواڳ فلڪي جسم آهي. اماڙيون ۽ اماڙا مٽر جي داڻي جيتري قد کان سوين مڻ وزني پٿراوان ۽ لوهي گولا آهن ۽ انهن جي ڪِرڻ جِي رفتار 45 هزار کان ويندي 72 هزار ڪلوميٽر فِي ڪلاڪ جيتري تيز آهي. اسان جي ڌرتيءَ جي سِج منڊل (انگريزي ٻولي: Solar System) يا سج سرشتي (نظام شمسيءَ) اندر ڀٽڪندڙ اماڙين (ميٽيئورس) ۽ اماڙَن (ميٽيئورائيٽس) جي گولِيءَ جھڙي ڌَڪ کان ڌرتيءَ جي رهاڪن کي بچائڻ به واءُ منڊل يا وايو منڊل جو ئي ڪارنامو آهي. اماڙو يا ميٽورائيڊ اسان جي واءُ منڊل (انگريزي ٻولي: Atmosphere) يا وايومنڊل ۾ ايندي ئي هوا جي ذرڙن سان انهن جي گاٺ، ڀَڙڪو پيدا ڪري، گَسائي، هزارين اماڙن کي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پهچڻ کان اڳ ئي ڳاريو ڇڏي. ڪجھه وڏا اماڙا گاٺ باوجود ٺوٺ شڪل ۾ ڌرتيءَ تي ڪِرن ٿا. انهن کي پوءِ ڳولهي يا لڀي پوڻ تي ميوزمن ۾ رکيو وڃي ٿو. ڌرتي تي ڪرڻ کان پوءِ اماڙي يا ميٽيئورائڊ کي ميٽيئورائڊ نه پر ايسٽرائڊ (انگريزي ٻولي: Asteroid) چيو وڃي ٿو.[1] [2]

شھابو  Meteor

شھاب

شھاب ثاقب

ننڍو پڇڙ سيارو

”اصغر ساگر“

گرمين جي راتين ۾ توھان اڪثر ڏٺو ھوندو تہ آسمان کان ھڪ تارو ٽٽي ھڪ طرفي تيز ليڪ جوڙي غائب ٿي وڃي ٿو. ھي روشني جي ليڪ ٺاھڻ وارو شھابو يا شھاب ثاقب آھي.

شھاب جي معنا آھي ٽٽڻ وارو تارو ۽ ثاقب جي معنا آھي روشن. دراصل شھاب ثاقب تارا ناھن نڪي تارن وانگي روشن رھن ٿا پر ھي گئسن ۔ پٿرن ۽ ڌاتن جا ٺھيل آھن جيڪي زمين جي مدار ۾ رڳڙ کائي ٻري پون ٿا ۽ روشني ڏين ٿا.

شھابا فلڪي جسم آھن جيڪي فضا مان اچن ٿا ۽ زمين تي ڪرن ٿا. سولي سنڌي ۾ اسان ھن کي ڪرندڙ تارو چئون ٿا. شھابا دراصل Meteoroid ٿين ٿا. ھي جڏھن زمين جي ھوائي گولي ۾ داخل ٿين ٿا تہ ريم دٻاء جي ڪري انهن جي گئس ٻري پوي ٿي. اھي ھوائي گولي مان ٻرندي زمين جي سطح تي ڪرن ٿا. انهن جي ٻرڻ واري حالت جي ڪري انهن کي شھاب ثاقب چئبو آھي.

سج کان 1 نوري سال جي فاصلي تي شھابن جو وشال وڏو بادل موجود آھي جيڪو سج جي چوڌاري ڦري ٿو ان کي اورٽ بادل سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ کربن جي تعداد ۾ شھابا موجود ٿين ٿا. تصور ڪيو وڃي ٿو تہ شھابن جي ڌرتي تي ڪرڻ جي ڪري زندگي جي شروعات ٿي. شھابا واري جي ذرن جيترا ۔ ھڪ ميٽرن کان ڪيترن ميٽرن جيترا ۽ ڪي شھابا سون ميٽرن کان وڌي وڃن ٿا.

اسان جي زمين جي قريب شھابا ترندي ڪڏھن ڪڏھن ايترو قريب اچي وڃن ٿا يا ڪنھن ٻئي سياري يا ستاري جي قريب اچن ٿا جو ٽڪر جو خطرو رھي ٿو. ھي ڪائنات ۾ اورت بادلن جي ڌوڙ ڌوڌڙ ۽ گئسن جو گولو ٿين ٿا جن ۾ ننڍا ننڍا جسم پاتا وڃن ٿا. ھي جسم يا گئسي غبار زمين جي قريب اچن ٿا تہ زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري نھايت تيز رفتاري يا آڪسيجن جي ڪري ٻري پون ٿا. ھن جو ٻرڻ ۽ روشن ٿيڻ اسان کي ڏيکاري ڏئي ٿو جنھن کي اسان شھابو چئون ٿا. شھابو گئسي گولو ھجڻ ڪري زمين تي ڪرڻ شرط مڪمل جلي وڃي ٿو ۽ ھن مان ڪو خطرو نٿو رھي. ڪڏھن ڪڏھن ھي گئسي گولو مڪمل نٿو سڙي ۽ ھڪ بلاڪ جي شڪل اختيار ڪري ٿو جنھن کي نيزڪا سڏجي ٿو.

روزانو 2 ڪروڙ شھابا ڌرتي جي مدار ۾ داخل ٿين ٿا ۽انهن جي رفتار 30 ڪلوميٽر في سيڪنڊ ٿئي ٿي. جيڪڏھن انهن جي ڌرتي تي بارش ٿي وڃي تہ زمين تي ڪرڻ شرط ٽٽي پرزا ٿي وڃن ٿا پر عجب جھڙي ڳالھ آھي زمين جي سطح کان مٿي اوزون گئس جو تھ ٿئي ٿو جيڪو گئسن جو پردو آھي، جڏھن ڪوبہ شھابو اوزون جي تھ ۾ داخل ٿئي ٿو تہ گئسن جي رڳڙ جي ڪري ان کي باھ لڳي وڃي ٿي ۽ جلي خاڪ ٿي وڃي ٿو.

گرھن کان علاوا ننڍا ننڍا شھابا لکن جي تعداد ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. جسامت ۾ ھي ذرا واري جي ذرن کان ميٽرن تائين ٿين ٿا. اھوئي سبب ھي جو خلا ۾ انهن جو مشاھدو ناممڪن آھي. جڏھن ڪو شھابو فضا ۾ داخل ٿئي ٿو اھو رڳڙ کائي جلي وڃي ٿو ايتري ۾ ھوا جي اڇي لڪير پيدا ٿئي ٿي جيڪا اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تقريبن 2 ڪروڙ شھابا روزانو زمين جي حد ۾ داخل ٿين ٿا.

نظام شمسي ۾ موجود ھي ننڍا شھابا زمين جي قربت ۾ پاتا وڃن ٿا. جڏھن اھي خلائي حدن کي ٽوڙي فضا ۾ اچن ٿا تہ انهن کي گولي جي رفتار کان تيز ذرن ۔ پٿرن ۽ غبارن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ھي ذرا 40 ڪلوميٽر جي رفتار کان تيز ٿين ٿا. ھن آفت کان بچڻ لاء خلائي مھمجوئن کي خلائي لباس ۾ خاص انتظام ڪرڻا پون ٿا تہ جيئن ھڪ خاص حد تائين وڏن شھابن جي ٽڪر کان بچاء ٿي وڃي.

وڏي شھابي لاء ممڪن آھي تہ اھو مڪمل طور تباھ نہ ٿي وڃي ۽ زمين تي سلامت پھچي. ڪڏھن ڪڏھن وڏا شھابا ڌرتي تي تي ڪرن ٿا تہ اھي زمين ۾ وڏي کڏ پيدا ڪري ڇڏين ٿا. ان جو بھترين مثال آمريڪي رياست ايريزونا Arizona ۾ فليگ اسٽاف جڳھ جو کڏو آھي جنھن جو قطر 1265 ميٽر يعني 4150 فٽ آھي. ھي گولي جو سڀ کان وڏو اونهو 180 ميٽر اونهو کڏو آھي. خيال ڪيو وڃي ٿو تہ 50 ھزار سال اڳ لوھ ۽ نڪل جي روپ ۾ 40 ميٽر قطب ۽ 25 لک ٽن وزن تي ٻڌل ھي شھابي پٿر ڌرتي سان ٽڪرايو ھو جنھن جي ڪري ھي عظيم کڏو پيدا ٿيو. ذڪر ڪيل ان شھابي جا اثر کڏي جي اردگرد موجود آھن. خيال ڪيو وڃي ٿو تہ ڌماڪي جي وقت ٻاڦ بنجي اڏري ويو ھو. ان کڏي کي سڀ کان پھرين 1891ع ۾ دريافت ڪيو ويو.

زمين جي فضا ۾ خلا کان جيڪي شھابا اچن ٿا انهن جي رفتار 10 کان 70 ڪلوميٽر في سيڪنڊ ٿئي ٿي ۔ ايتري رفتار ۾ شھابا پنھنجي سامهون واري ھوا کي ڪمپرس ڪري ڇڏين ٿا. جيئن اسان سکيو آھي جڏھن گئسن کي ڪمپرس ڪجي ٿو تہ انهن جو گرمي پد وڌي ٿو. شھابا پنھنجي سامهون واري ھوا جي گرمي پد کي 16 سو ڊگري سينٽيگريڊ تائين وڌائن ٿا، ايتري تيز گرمي پد جي ڪري ھي پٿر ۽ شھابا جلي وڃن ٿا ۽  آسمان ۾ جلندڙ لڪير يا ٽٽل تارو نظر اچي ٿو.

شھابي ۾ ڌاتو ٽامو ۔ چاندي ۔ لوھ ۔ نڪل ۔ پلاٽينيم ۽ جست بہ ٿين ٿا. اسان جي ڌرتي تي جيڪي ڌاتو آيا اھي شھابن ۽ پڇڙ سيارن جي ڪري پھتا. پنج سو گز وارو شھابو ايترو پلاٽينيم رکي ٿو جو ان مان وڏو خلائي جھاز ٺاھي سگهجي ٿو. شھابن جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي شي پلاٽينيم يا لوھ ناھي پر برف آھي. شھابن جي پٽي جو سڀ کان وڏو جسم سيرس ايترو پاڻي رکي ٿو جيڪو ڌرتي جي سڀني ندين ۽ ڍنڍن جي پاڻي کان وڌيڪ آھي. اڪثر شھابا گهڻا وڏا نٿا ٿين پر پاڻي جي ڪافي مقدار رکن ٿا. ننڍن شھابن جي ڪا اھميت نٿي ٿئي پر وڏا شھابا وڏي اھميت وارا ۽ ناياب ٿين ٿا.

دنيا جي مختلف عجائب گهرن ۾ شھاب موجود ٿين ٿا. انهن کي ڏسي ڪري سائنسدان ھن نتيجي تي پھتا آھن تہ شھاب ثاقب ۾ تقريبن اھي ڌاتو ۽ پھاڙي مادا ملن ٿا جيڪي اسان جي زمين تي پاتا وڃن ٿا ان جو مطلب ٿيو اسان جي زمين جھڙيون ڪائنات ۾ ٻيون زمينون موجود آھن.

1993ع ۾ ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ ايترا شھابا ڪريا جو انهن جو شور پري پري تائين ٻڌو ويو. ان کان پھرين 1876ع ۾ شرپ شائر ۾ ھڪ وڏو شھاب ثاقب ڪريو جيڪو ھن وقت برطانيہ جي عجائب گهر ۾ موجود آھي. شھابي ۾ لوھ ۽ ٻيا ڌاتو موجود ٿين ٿا. انهي چوڻ ۾ ڪو حرج ناھي تہ انسان سڀ کان پھرين شھابن جو لوھ استعمال ڪيو. زمين مان لوھ ڪڍڻ جو فن پوء سکيو. ننڍن ننڍن شھابن ۾ پٿر کان علاوه 10 سيڪڙو لوھ ٿئي ٿو ۽ ڪجھ نڪل بہ ۽ شھابن ۾ پلاٽينيم ۔ سون ۽ ھيرو بہ موجود ٿئي ٿو. آمريڪا ۾ سڀ کان پھرين 1902ع ۾ وڏو شھاب لڌو ويو جنھن جو وزن 14 ٽن کان وڌيڪ ھيو. ھڪ وڏي شھابي جو نالو ھوا ويٽ آھي جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪريو ھو ان جي شڪل مربع جھڙي ھئي. ان جي ڊيگھ 9 فٽ ۽ وزن سٺ ٽن ھيو. پر اندازي مطابق ان جو پھرين وزن 100 ٽن کان مٿي ھيو.

30 جون 1908ع ۾ سائبيريا روس ۾ ھڪ وڏو شھابو ڪريو. باھ ۾ ورتل برق گولي رفتار سان ٽيگا جهنگ ۾ ڪريو. ٽرانس سائبيرين ريلوي اسٽيشن جي ڪيترن مسافرن دل ڌوڏيندڙ نظارو ڏٺو. شھابي جي ڪرڻ وقت واري ڌرتي ڌوڏيندڙ ڌماڪي ريلوي گاڏي کي ڌڏي ڇڏيو. دور دور تائين زلزلي پيما آلن ھن عظيم زلزلي جي پد کي رڪارڊ ڪيو. ڌماڪي جو آواز 600 ميلن تائين ٻڌو ويو. جهنگ ۾ ھزارين رينڊئر پالتو ھرڻ مري ويا ۽ ڪيترا لاڏائو خيمن سميت اکڙي اڏري ويا. حيرت جي ڳالھ اھا آھي تہ شھابي جو ملبو ڪٿي بہ نہ مليو پر جتي گولو ڪريو اتي وڏا وڏا سوراخ ھيا.

ڪجھ ماڻھو شھابن جي ڪرڻ کي تسليم نٿا ڪن گهڻا ماڻھو ان کي ايٽم جي تباھڪاري شمار ڪن ٿا جڏھن تہ 1908ع ۾ انسان اڃان ايٽم بم نہ ٺاھيو ھو پر سڄو شھابو زمين تي ڪرڻ سان سڄي جو سڄو سڙي ويو.

15 فيبروري تي ھڪ سو فٽ ڊگهو شھابو زمين کان 27 ھزار 7 سو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي گذريو. ھن کي ھڪ سال اڳ دريافت ڪيو ويو.ان ڏينھن 60 فٽ ويڪرو شھابو روس جي ڪوھ اورال جي مٿان ڦاٽي پيو جنھن جي ڪري ھڪ ھزار ماڻھو زخمي ٿي پيا.

شھابن جو ٺھڻ :-

نظام شمسي اڄ کان 4.7 ارب سال پھرين اسان جي ڪھڪشان ۾ موجود ھڪ گئسي بادل جي سميٽجڻ سان وجود ۾ آئي. ان وقت شھابا ڪروڙن جي تعداد ۾ روزانو زمين تي ڪري رھيا ھئا ۽ اسان جي زمين جو وڏو حصو اھي ئي شھابا آھن. ان وقت اسان جي زمين باھ جو گولو ھئي. روز نوان شھابا زمين ۾ داخل ٿي رھيا ھئا ۽ ڌرتي جي جسامت وڌي رھي ھئي. ھي لقاء ھر گرھ تي ٿيو. تمام گرھ نظام شمسي ۾ پکڙيل انهن شھابن ۔ پٿرن ۽ گئسن کي پنھنجي ثقلي ڪشش جي ڪري ڇڪي رھيا ھئا. آھستي آھستي گئسن ۽ شھابن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ گئسون ۽ شھابا ڌرتي جو حصو ٿي ويا. وقت گذرڻ سان گڏ شمسي نظام جو مطلعو صاف ٿي ويو. سڀ شھابا سج جي چوڌاري ڦري رھيا ھئا. صرف اھي شھابا گرھن سان ٽڪريا جيڪي پنھنجي مدار تان ھٽيا يا ڦرندي گرھن جي ويجهو اچي ٽڪريا. باقي اھي شھابا بچيا جيڪي جيڪي گرھن جي مدار ۾ نہ آيا. واضح رھي تہ شمسي نظام صرف گرھن ۔ اپ گرھن ۔ سج ۽ تارن تي مشتمل ناھي پر شھابا ان جو وڏو حصو آھن. سج کان ھڪ نوري سال جي فاصلي تي شھابن جو اڻ کٽ بادل آھي جيڪو سج جي چوڌاري گردش ڪري رھيو آھي ان کي اورت بادل سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ کربن جي تعداد ۾ ھر مقدار جا شھابا موجود آھن. خيال ڪيو وڃي ٿو انهن شھابن جي ڪرڻ سان ڌرتي تي زندگي جي شروعات ٿي.

شھابا زندگي جي علامت :-

اسان جي ڌرتي تي پاڻي پڇڙ سيارن ۽شھابن جي ڪرڻ سان آيو. نظام شمسي جي جوڙ وقت اورت بادلن ۾ ھيڊوجن ۽ آڪسيجن موجود ھئي. ھيڊوجن جي اجگر ديو قامت بادل ۾ ھڪ قريبي ستاري جي سپر نووا بنجي ڦاٽڻ جي ڪري جيڪو دٻاء پيدا ٿيو ان جي نتيجي ۾ نظام شمسي وجود ۾ آيا ۔ ان تاري جي ڦٽجڻ ڪري تمام گهڻي آڪسيجن خارج ٿي (جيڪا وڏن ستارن جي آخري اسٽيج ۾ ٺھي ٿي)، آڪسيجن ھيڊوجن سان ميل ڪري اڻ کٽ پاڻي جا ماليڪيول بنايا. اڄ بہ اربن جي تعداد ۾ اسان جي نظام شمسي ۾ شھابا موجود آھن جيڪي برف جا ٺھيل ٿين ٿا، انهن مان ڪجھ راھ ڀلجي اسان جي اڱڻ طرف نڪرن ٿا تہ سج جي تيز اتت جي ڪري اھي پگهري ٻاڦ ٿي وڃن ٿا. شھابي جو ٻيو نالو پڇڙ سيارو آھي. اھي ئي شھابا ڌرتي جڙڻ وقت لکن جي تعداد ۾ ڌرتي سان ٽڪرايا ۽ ڌرتي تي پاڻي کڻي آيا ۽ زندگي جي شروعات ٿي.

شھابي مان ٺھيل فرعون خامن جو خنجر :-

محققن مطابق فرعون خامن جو خنجر آسمان مان ڪرندڙ شھابي جي ڌاتن مان جوڙيو ويو. طوطن خامن جي وفات تقريبن 3300 سال اڳ پھرين ٿي ھئي. فرعون جي لاش کي حنوط ڪرڻ وقت ان جي خنجر کي ان سان گڏ رکيو ويو ھو. ان خنجر تي تحقيق دوران سائنسدانن جو دماغ چڪرائجي ويو اھو ڏسي تہ خنجر تي ڪابہ ڪٽ نڪي زنگ آھي. ھن جو جوڙجڪ انتھائي معياري آھي. فرعون خامن جي خنجر ۾ جست ۽ ڪوبالٽ جھڙا ڌاتو بہ موجود آھن. ھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ 3 ھزار سال اڳ مصر جا رھواسي شھابن جي ڌاتن کان واقف ھئا ۽ انهن کي شھابي جي ڌاتن کي استعمال ڪرڻ جي ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي جڏھن تہ يورپ وارن وٽ شھابي جي ڌاتن جو علم مصر کان ھزار سالن کان پوء پھتو. ھي خنجر 1925ع ۾ برطانوي ماھر آثار قديمہ ھاورڊ ڪارٽر دريافت ڪيو.

سوڊان ۾ ڪرندڙ شھابي مان ھيرن جو ملڻ :-

سوڊان جي صحرا نوبا ۾ ھيرن جي بي شمار ٽڪڙن جي ملڻ سائنسدانن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جيڪي ھڪ گرھ سان واسطو رکن ٿا جيڪو اربين سال اڳ تباھ ٿيو ھو.  

سائنسي جريدي نيچر ڪميوني جي مقالي مطابق ڏھ سال اڳ ھيرن سان ڀريل پھاڙ زميني فضا ۾ داخل ٿي ڀاڱن ۾ ونڊجي وئي ۽ ان جا ٽڪڙا شھابن جي صورت ۾ اتر سوڊان ۾ ڪريا. سائنسدانن مطابق ھي خلائي پھاڙ نظام شمسي جي ابتدائي دور ۾ ھڪ سياري سان رکندي ھئي جيڪا ڪنھن سبب جي ڪري تباھ ٿي اڻ ڳڻ پھاڙن ۾ ۽ پٿرن ۾ ٽٽي ويو ۽ ان جي باقيات ماضي کان خلا ۾ ڦرندي رھي آھي. وڌيڪ تہ ھي موجودھ گرھ بہ ماضي ۾ ان ئي سيارن جي باقيات آھن. سيارن جي ٽٽڻ ۽ سيارن بنجڻ جو عمل اربن سالن کان جاري آھي.

سائنسدانن جو خيال آھي تہ تباھ ٿيڻ وارو گرھ اربين سال پھرين نظام شمسي جو حصو ھيو جنھن جي جسامت عطارد يا مريخ جيتري ھوندي ڇوجو ھيرا صرف ايترن وڏن گرھن ۾ تشڪيل پائي سگهن ٿا.

ھي گرھ ڪن گرھن سان ٽڪرائڻ جي ڪري يا ڪنھن حادثي جي ڪري ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿي ويو ھو. ھيرن سان جڙيل پھاڙ ڪنھن گرھ جو حصو ھئي يعني نظام شمسي پنھنجي ابتدا ۾ درجنن گرھن جو مقام ھيو ۽ موجودھ گرھ ئي انهن گرھن جي باقيات سان ملي جڙيا ھئا.

حوالا[سنواريو]