امان ائين ڇو؟ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان شاعرا، ومي سدارنگاڻيءَ جي ”وڀا پبليڪيشن آديپور- ڪڇ“ پاران ڇپيل ٻارن جي ڪتاب (ٻالڪ جا پاڻ وارتائي سوال) بمعنيٰ ”ممي ائين ڇو آهي“ جو سنڌ ۾ ڇپيل ٻيو ڇاپو ’امان ائين ڇو آهي‘ جي عنوان سان ’-ٿرديپ- ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام‘ مٺي، ضلعي ٿرپارڪر پاران مئي 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جا خوبصورت اسڪيچ شهديو ڏونگراڻي ٺاهيا آهن. هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جو مهاڳ مشهور اديب، ستيش روهيڙا ۽ ٻئي ڇاپي جو مهاڳ -تاج- جويي لکيو آهي. رايل سائيز جي هن 32 صفحن جي ڪتاب کي ”-ٿرديپ-“ پاران ٿر جي ڳوٺن ۾ مفت ورهايو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]