امانت گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

موسيقار امانت گل جو جنم 1966ع ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو فيروز گل (موسيقار) آهي. علم موسيقي سندس خانداني ورثو آهي. امانت گل سنڌ جو ننڍي وهيءَ وارو موسيقار هو، شروعاتي تعليم پنھنجي چاچي موسيقار مرحوم ضامن علي عرف ببر علي خان کان حاصل ڪيائين. امانت گل ننڍيءَ عمر ۾ ڳائڻ ۽ ڪيسٽ ڪڍڻ وارو فنڪار هو. پارس ڪمپني امانت گل جا اٽڪل 12 البم رليز ڪيا. موسيقار ٿيڻ لاءِ امانت گل باقاعدي تربيت پنهنجي والد مرحوم فيروز گل کان ورتي. سنڌي فلم ”درياھ خان“ ۾ پنھنجي والد فيروز گل سان اسسٽنٽ طور گڏجي ڪم ڪيائين. امانت گل پنھنجي حياتيءَ ۾ سُٺي آواز جي مالڪن محمد يوسف، عالمگير، مھناز، مھدي حَسن، ناهيد اختر، ترنم ناز ۽ نصيبو لال، حميرا چنا ۽ سجاد يوسف جا ڪيترا گيت ڪمپوز ڪيا. هن گل فلم کانسواءِ پي. ٽي. وي سينٽر ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي يادگار گيت ۽ گانا ڏنا. امانت گل عابده پروين سان بہ گڏ رهيو ۽ سندس ئي خواهش مطابق آئيڊيل موسيقار آر. ڊي برمن کان سڳو ٻڌرايو. امانت گل پاڪستان جي عظيم موسيقار نثار بزميءَ کان بہ هارمونيم جي سکيا ورتي ۽ طافو خان جي ڀاءُ نثار حسين کان بہ سڳو ٻڌرايو ۽ موسيقيءَ جي سکيا ورتي. هن نامياري موسيقار 2011ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]