امام علي مرزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميرزا امام علي بيگ افسر ولد ميرزا امداد علي ٽنڊي آغا (حيدرآباد) جي علمي، ادبي ۽ مذهبي ميرزا گهراڻي ۾ 14 آگسٽ 1960ع ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ 1977ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان، انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان 1979ع ۾ پاس ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي (سنڌي) سٽي آرٽس ڪاليج مان پاس ڪري ’سنڌ جي عزاداري‘ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1996ع ۾ پي.ايڇ.ڊي (سنڌي) جي سند حاصل ڪيائين.

ملازمتي خدمتون[سنواريو]

عملي زندگيءَ جي شروعات 1978ع کان جيل کاتي کان شروع ڪيائين. ريڊيو حيدرآباد ۽ سنڌالاجيءَ ۾ پڻ ملازمت ڪيائين ۽ آخر ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر جي عهدي تي سٽي آرٽس ڪاليج ۾ مقرر ٿيو. ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو هن وقت ريجنل ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد جي عهدي تي فائز آهي. ايران جو ٽي دفعا سير ڪيائين.

ادبي خدمتون[سنواريو]

علمي ادبي ماحول جي پرورش سبب کيس ننڍپڻ کان ئي نثر ۽ نظم لکڻ جو شوق هو. سندس پي. ايڇ.ڊي جي ٿيسز ’سنڌ جي عزاداري‘ شايع ٿي چڪي آهي ۽ ان جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿيل آهي. ان کانسواءِ ’سنڌي مرثيي جي تاريخ‘، ’مرثين جو مجموعو‘، ’دينيات جا ٽي ڪتاب‘ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪجهه ڪتاب ڇپائي جا منتظر آهن. ميرزا افسر جا ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون نئين زندگي، پيغام، اظهار، مهراڻ، پنجتني اخبار ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. عزاداري جي ڏهاڙن ۾ ميرزا افسر مرثيہ ۽ سلام پڻ پڙهندو آهي. ۽ مختلف نعتيه محفلن ۾ نعت خواني پڻ ڪندو آهي. شاعري جي شروعات پڻ ننڍپڻ کان شروع ڪيائين. شاعري جي صنفن ۾ مرثيه، سلام، غزل، قصيدو، قطعہ تاريخ ، رباعي ۽ نوحي جي صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪندو آهي. ٽنڊي آغا جي قديم ۽ مشهور امام بارگاهه علي آباد ۾ منعقد ٿيندڙ هر طرحي مشاعري ۾ پڻ شرڪت ڪري داد حاصل ڪندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]