امام بارگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام بارگاهه -ان- جڳهه کي چيو ويندو آهي -جتي- امامن جون مجلسون ۽ محفلون برپا ڪيون وڃن. اصل ۾ -امام بارگاهه- کي سنڌيءَ ۾ -امام- جو پِڙ چيو ويندو آهي ۽ اردوءَ ۾ ’-امام- باڙه‘ چوندا آهن. اڪثر محرم جي ڏهاڙن ۾ شهداءِ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلسون، ماتمداري ۽ جلوس انهن پِڙن (-امام بارگاهه-) ۾ برپا ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ عزاداريءَ جو مرڪز ڪلهوڙن جي دور کان وٺي حيدرآباد رهيو آهي. پر ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد وڌيڪ زور ورتو. هن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ لاتعداد -امام- بارگاهون آهن، پر حيدرآباد اڄ به مرڪز آهي. حيدرآباد ۾ قديم ۾ قديم -امام بارگاهه- ٽنڊي -آغا- جي علائقي ۾ ”-امام بارگاهه- علي -آباد-“ جي نالي سان مشهور آهي. هن -امام بارگاهه- ۾ فاتحه سنڌ مير فتح علي خان -ٽالپر- جو سنڌ ۾ پهريون ڪاٺ جو ٺهرايل تعزيو پڻ رکيل آهي. حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ هن وقت لاتعداد -امام- بارگاهون موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]