الھه رکيو ڳورڙ
ناميارو -استاد- ۽ سماجي ڪارڪن الهه رکيو ولد -بشارت- خان ڳورڙ، 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هن ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري مسلم اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان 1954ع ۾ڪيائين. بي. ايڊ 1962ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. اي (سنڌي) 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. -استاد- الهرکئي ڳورڙ ملازمت جي ابتدا اريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي ۽ گڏوگڏ پڙهائي به -جاري- رکيائين. 1957ع ۾ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو. -ان- کانپوءِ 59-1958ع ڌاري بنيادي -جمهوريت- کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو ۽ جنهن بعد نوڪريءَ -تان- استعيفا ڏئي، بي. ايڊ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پوءِ -جولاءِ- 1962ع ۾ -استاد- مقرر ٿيو، 1976ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لالو رائنڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد -تعليم- کاتي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين. هو 1992ع ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جنهن بعد هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ، جتان 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين. الهه رکيو ڳورڙ ابتدا کان وٺي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندو هو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترا سماجي ترقياتي ڪم ڪرايا، -جن- ۾ گرلز اسڪول ۽ بوائز مڊل اسڪول جو قيام به شامل آهي، جنهن کي اڳتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪرايائين. ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس، جانورن جي اسپتال، ايگريڪلچر آفيس، رورل هيلٿ سينٽر ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم به سندس ڪوششن سان قائم ٿيون. هن ڳوٺ جون گهٽيون ۽ رستا پڪا ڪرايا. -استاد- جي حيثيت ۾ هن ڪيترن شاگردن جي مدد ڪئي. رٽائرمنٽ بعد لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رهيو. سندس -آتم ڪٿا- ’جيون سفر سِڪَ جو‘ 2010ع ۾ شايع ٿي. -استاد- الهه رکيي ڳورڙ 13 مارچ 2011ع تي وفات ڪئي. سندس ٽي ڪتاب: ’هڪ هزار شاعرن جي شاعري‘، سنڌ جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري ۽ ’سنڌي سياڻا، ساهه سيباڻا‘ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن.[1]