الھه بخش ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهه بخش ولد حسين خان -ٽالپر- سندس ڳوٺ درياخان -ٽالپر- جو هو، جنهن کي ”-ٺوڙها- لتڻيون“ به چوندا آهن ۽ تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي، -جتي- هن 31 مارچ 1914ع تي -جنم- ورتو. پرائمري اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائين، جتان پنهنجي اهليت سان، پوءِ اسڪولن جو سپروائيزر به ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. ادبي ذوق رکندڙ هو. -پارسي- ٻوليءَ جي به ڄاڻ هيس. ننڍا علمي ادبي ڪتاب لکيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 15 آهي، -جن- مان ”پرديسيءَ جو پيار“ ناول مشهور اٿس. 18 -اپريل- 1976ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]