الھبچايو ڪرھيي پوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سندس والد جو نالو محمد سومار هو. ڳوٺ ڪرهيي ڀانڊاريءَ ضلعي بدين ۾ 1878ع ۾ ڄائو. 1945ع ۾ لڏي مانڌاري ۾ آيو. جتان پوءِ -بدين- شهر ۽ پوءِ ڳوٺ -پير عالي- شاهه ۾ اچي رهيو. سندس والد محمد سومار شيخ مشهور شاعر ۽ اديب هو. الهه بچايي ڪرهيي پوٽي جو بيتن ڏانهن خاص لاڙو هو، هن صنف تي سندس ٻه ڪتاب: ”روحاني ادبيات“ ۽ ”قصو ڪرهيي پير جو“ ڇپجي چڪا آهن. سندس باقي ڪلام ”ڪليات شيخ الهبچايو“ جي نالي سان ڇپيو آهي. الهه بچايي شيخ 1962ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]