الک اخبار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الک اخبار، سنڌ جي منفرد اخبار هئي ۽ تيزيءَ سان صحافت جي ميدان ۾ آئي ۽ جلد ”پسنديده“ اخبار بنجي وئي. 1998ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌ دوست ڪاموري بشير احمد انصاريءَ الک گروپ آف پبليڪيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن پاران پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت سنڌ جي ٽن شهرن ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد مان سنڌي اخبار ”الک“ جي شروعات ڪئي وئي، جنهن جو حيدرآباد ۾ ايڊيشن جو چيف ايڊيٽر ظهور انصاري ۽ ايڊيٽر منظور سولنگي هو، جڏهن ته سکر ايڊيشن جو ايڊيٽر محمد خان سولنگي ۽ ڪراچي ايڊيشن جو انچارج تاج مريءَ کي بنايو ويو. اٺن صفحن تي مشتمل هن اخبار جلد ئي پنهنجن ڪالمن ۽ مختلف سلسلن خاص ڪري ”سچ وڏو ڏوهاري“ پڙهندڙن ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي. هن اخبار ۾ خبرن جي حوالي سان اها ڳالهه ٻين سنڌي اخبارن کان الڳ رهي ته هن اخبار ساڳئي صفحي تي خبرن جي بقايا ختم ڪئي، مڪمل خبر صفحي تي ڏني وئي، اخبار جي هيڊ آفيس حيدرآباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ الفريد اسڪوائر ۾ قائم ڪئي وئي. اخبار کان سواءِ هن اداري پاران مئي 1998ع کان هڪ ادبي مخزن ”سنڌ لائين“ شروع ڪئي وئي، جنهن جو اعزازي ايڊيٽر ادريس جتوئي هو. هن اداري پاران نڪرندڙ هن مخزن به سٺي مقبوليت ماڻي، ان کان سواءِ ٻارڙن جو رسالو ”شُشُر“ به جاري ڪيو ويو، جنهن جو ايڊيٽر اندرجيت لُوهاڻي کي مقرر ڪيو ويو.

اختتام[سنواريو]

اداري پاران ”راڻي“ نالي عورتن جو رسالي جو به ڊڪليئريشن ورتو ويو پر اهو رسالو جاري نه ٿي سگهيو، هيءُ ادارو ٻن سالن تائين سنڌي صحافت ۾ متحرڪ رهيو، خاص طور ڏکڻ سنڌ ۾ هن اخبار جي سرڪيوليشن تمام گهڻي هئي. هن اخبار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي، مير مرتضيٰ ڀُٽي، سائين جي. ايم. سيد ۽ ٻين سنڌ جي ساڃاهه وند شخصيتن جا ايڊيشن به ڪڍيا.

ٻن سالن جي سفر ۾ هيءَ اخبار ڪجهه مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي، پر صحافت جي تاريخ ۾ پنهنجا اثر ڇڏي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]