الياس شاڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الياس شاڪر جو جنم 26 آڪٽوبر 1951ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس تعليم ايم. اي پوليٽيڪل سائنس آهي. 1977ع ڌاري ڪراچيءَ منتقل ٿيو ۽ هڪ اخبار ۾ 1988ع تائين رپورٽر ۽ تجزيي ڪار طور ڪم ڪيائين. 5 آڪٽوبر 1998ع تي هن روزاني ”قومي اخبار“ جاري ڪئي. APNS جي انتظامي ڪاميٽيءَ طرفان سنڌ جي علائقائي ڪاميٽيءَ جو 1999ع کان 2001ع تائين ڪنوينر رهيو. CPNE جو 1997ع کان 1998ع تائين سيڪريٽري جنرل رهيو. هن وقت APNS جي انتظامي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر آهي. ”ايم آر ڊي ڪاميابيان اور ناڪاميان“ جي نالي سان سندس ڪتاب به ڇپيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]