مواد ڏانھن هلو

المڪتوب الحبيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

-المڪتوب الحبيب- ڪتاب، محمد قاسم غازياڻي -ڀٽي- 1332ھ/1914ع ۾ تحرير ڪيو. جنهن جو روحاني تعلق سيوهڻ جي مخدوم صاحبن سان هو ۽ مخدوم حبيب -الله- سيوهاڻي جو مريد هو. مرشد جي نالي پٺيان ڪتاب جو نالو ’-المڪتوب الحبيب-‘ رکيائين. پير حسام الدين راشدي حديقھ اولياء جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جو نالو ”رساله حبيبيه“ لکندي -ان- جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”رساله حبيبيه مخدوم حبيب -الله- پاٽائي (سيوهاڻي) تاليف 1300ھ کان بعد، هي تذڪرو -پاٽ- ۽ سيوهڻ جي صديقي مخدومن جي احوال ۾ آهي. اهي بزرگ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان آهن. ابتدا ۾ شيخ جي نسب جو بيان آهي. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري ۽ مخدوم نوح هالائي جو نسب پڻ ڏنل آهي. تذڪره مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم عباس هنڱورجائي پاٽائي حضرت مسيح الاوليا (شيخ عيسيٰ) جو چاچو هو. هن ۾ مخدوم نوح جي نسب تي ڪافي بحث ٿيل آهي. سرهندي بزرگن مان شاهه صفي -الله- ڪابلي جي سوانح ۽ سندس تعليمات ۽ سنڌ اندر سندس سلسلي تي چڱو مواد ملي ٿو. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (مڏئي واري) ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير ۽ صغير جي احوال تي پڻ روشني پيل آهي.“ -ان- نسخي جو اصل مخدوم سليم -الله- صديقي جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. جنهن -ان- تي مقدمو ۽ حاشيه لکي سنڌي ادبي بورڊ کان شايع ڪرايو.[1]

حوالا

[سنواريو]