افضل سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناميارو شاعر -افضل سولنگي- ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي (حيدرآباد) ۾، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، حيدرآباد مان 1974ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين ۽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي، -جن- ۾ محمد يوسف، سرمد سنڌي، فوزيه سومرو، -جلال چانڊيو- وغيره شامل آهن، جنهنڪري کيس وڌيڪ مقبوليت ملي. سندس ڪيترائي گيت ۽ غزل سنڌي فلمن ۾ به ڳايا ويا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان کيس گهڻي عقيدت رهي آهي. هن ڪيترائي گيت غزل شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شخصيت، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ تي لکيا آهن. ڪيترين سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو آهي، -جن- ۾ پيپلز ڪلچرل ونگ سنڌ اهم آهي. هي هر سال شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- ۽ شهيد محترمه بينظير -ڀٽي- جي ورسين جي موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور شاعرن سان گڏ خراج عقيدت پيش ڪندو آهي. سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٻيا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هن کي خاص دعوت ڏئي گهرائيندا آهن. سندس شهيدن جي شان ۾ ڪئسٽون به -جاري- ٿيل آهن. سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]