افتخار عارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اردو زبان جو ناميارو شاعر ۽ اديب افتخار عارف، 21 مارچ 1943ع تي لکنؤ (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو افتخار حسين آهي. ايم. اي ۽ ايم. -ايس- سي تائين لکنئو يونيورسٽيءَ مان -تعليم- حاصل ڪيائين. 1965ع کان 1977ع تائين ريڊيو -پاڪستان- ۾، ٻاهرين نشريات جو نيوزڪاسٽر رهيو، جنهن کان پوءِ وري -پاڪستان- -ٽيليويزن- سينٽر ڪراچيءَ تي، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ سينيئر پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. سندس شهرت ۾ -ٽيليويزن- جي -اردو- پروگرام ’ڪسوٽيءَ‘ جي ڪري اضافو ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين -بئنڪ- آف ڪريڊٽ ۽ ڪامرس ۾، عام لاڳاپن جو آفيسر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ 1990ع تائين، -بئنڪ- جي عيوضيءَ جي حيثيت سان، ”ٿرڊ ورلڊ فائونڊيشن“ لنڊن جو ناظم اعليٰ پڻ رهيو. لنڊن مان اچڻ کان پوءِ کيس -پاڪستان- اڪادمي ادبيات جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. 1994ع کان وٺي هن وقت تائين ”اسڪالرس ائنڊ رائيٽرس فائونڊيشن“ جو ڊائريڪٽر جنرل، مقتدره قومي زبان جو چيئرمئن ۽ ٻيو ڀيرو چيئرمئن اڪادمي ادبيات -اسلام- -آباد- رهيو. جتان ويجهڙائي ۾ فارغ ٿي وري مقتدره قومي زبان جو چيئرمئن ٿيو آهي. سندس ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ -انعام- ڏنا ويا آهن، -جن- ۾، 1984ع ۾ آدم جي اوارڊ، فيض انٽرنئشنل اوارڊ براءِ شاعري، 1989ع ۾ صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، 1994ع ۾ باباءِ -اردو- مولوي عبدالحق اوارڊ، 1995ع ۾ نقوش ادبي اوارڊ ۽ بولان انٽرنئشنل اوارڊ 1996ع شامل آهن. هن -برطانيا- ۾ قيام دوران بي. بي سي ۽ ٻين نشرياتي ادارن ۾ علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته ڪيترن ملڪن ۾ ٿيندڙ، مختلف نوعيت جي سيمينارن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ”مهر دو نيم“، ”بارهوان کلاڙي“ ۽ ”حرف باريان“ شايع ٿي چڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]