اعظم شاھ بقاپوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد محمد -اعظم شاهه بقاپوري- ڳوٺ بقاپور تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق -بقاپور- جي مشهور سيد گهراڻي سان هو. اعظم شاهه پاڪ- هند جي ورهاڱي کان اڳ جو شاعر ٿي گذريو آهي. محمد اعظم شاهه قرآن شريف ناظره ۽ ٻه چار درجا سنڌي پڙهيل هو. شعر و شاعريءَ سان خاص چاهه هئس. سندس ڪيترو ئي ڪلام ڏوهيڙن، قطعن، غزلن ۽ ڪافين جي صورت ۾ ملي ٿو. سندس ڪلام ’ديوان اعظم‘ جي نالي سان لاڙڪاڻي جي مشهور پبلشر ويڙهومل کٽڻمل، ڪراچيءَ مان ليٿو پريس مان ورهاڱي کان اڳ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. محمد اعظم بقاپوريءَ جي ديوان ۾ 66 ڪافين سان گڏ چار پنج دوها ۽ ڪجهه غزل پڻ شامل آهن. ورهاڱي کان -ٿورو- وقت اڳ وفات ڪري ويو هو.[1] سندس ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:

دوست لٽي ويو دلڙي، رمزن سان ريجهائي،
رمزن سان ريجهائي، غمزن سان ويو گهائي.
نيڻ نماڻا نرتون، يار کڻي پيو جنهن دم،
ساهه سيباڻا سرتيون، واهه وڻن پيا تنهن دم،

حوالا[سنواريو]