اعجاز حسين مھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اعجاز حسين مهر- ولد غلام حسين مهر، 6 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ ڪامل مهر ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو، 1982ع کان 1994ع تائين ڪراچي ۾ رهيو. -ان- بعد -اسلام- -آباد- ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هن پنهنجي -تعليم- ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ -جاري- رکي. هن ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۽ ڪامرس ۾ گريجوئيشن سنڌ مسلم ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ 1992ع ۾ انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شاگردي واري زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو. 1989ع ۾ صحافت ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ جي مختلف سنڌي ۽ -اردو- اخبارن جهڙوڪ نئون سج، الوحيد، ڪاوش ۽ ماهوار رسالي پرهه، -اردو- اخبارن -انتخاب- ۽ نجات ۾ ڪم ڪيائين. هي 1994ع ۾ ڪاوش جي رپورٽر طور ڪراچي ۾ مقرر ٿيو. کيس -ترت- -اسلام- -آباد- موڪليو ويو. هو -اسلام- -آباد- ۾ سنڌي صحافت جي بانيڪارن مان آهي. مارچ 2004ع ۾ -بين- الاقوامي نشرياتي اداري بي بي سي کيس رپورٽر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ کيس -پاڪستان- لاءِ چيف رپورٽر مقرر ڪيو. هو هن وقت (2009) تائين اها ذميواري نڀائي رهيو آهي. هن اردو، سنڌي ۽ -انگريزي- ڪيترائي مضمون ۽ فيچر لکيا ۽ صحافت ۾ معلومات تي ٻڌل تجزياتي مضمون لکڻ سندس خصوصيت رهي آهي. هو انهن چند سنڌي صحافين مان آهي، جيڪي عالمي نشرياتي ادارن تائين پهتا آهن. آمريڪي صدر اوباما جي چونڊ مهم، گڏيل قومن جي اجلاس سميت ڪيترن ئي عالمي پروگرامن جي ڪوريج ڪري چڪو آهي. -ان- کان علاوه ميڊيا جي حوالي سان ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]