اشعار ثنائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اشعار ثنائي، هيءُ ڪتاب مولانا ثناءُ الله ”ثنائيءَ“ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سندس مختلف ڪلام ڇپيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 93 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا آهي. ڇاپو پهريون، حافظ برادران، سکر مان سن 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، مولوي محمد عظيم سعيد پريس، ڪراچيءَ مان ڇپايو، جنهن جي ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 56 صفحا آهن ۽ قيمت 4 رپيا ڄاڻايل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اشعار ثنائي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع