اشرف منصور دائودپوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد اشرف دائودپوٽو تعلقي سيوهڻ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ ۾ 5 -اپريل- 1932 تي ڄائو. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽو سندس سوٽاڻي سوٽ ٿئي. پرائمري ۽ انگريزيءَ جا چار درجا ٽلٽيءَ ۾ پڙهي علامه دائودپوٽي جي صلاح تي پنجون درجو انگريزيءَ جو نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ اتان وڃي 1948ع ۾ سندس مدرسي ڪراچي پڙهڻ لاءِ ويٺو. علامه صاحب جيتوڻيڪ سندس مالي مدد ڪرڻ چاهي پر مسڪينيءَ ايترو مجبور ڪيس جو -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي اچي پرائمري ماستر ٿيو. 1949ع ۾ فائينل ڏنائين. 56-1955 ۾ مٺياڻي ڪاليج مان ٽريننگ ورتائين. 1971ع ۾ بي ايڊ، 1973ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين ۽ 1979ع ۾ ايم فل ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان هو ”دادو ضلعي جا غزل گو شاعر“. علامه دائودپوٽي جي صحبت ۾ رهندي شاعري ۽ ادب جو چشڪو لڳس، اڳ ۾ به سندس خاندان ۾ يعقوب فقير، نظام فقير ۽ -بچل- فقير وقت جا سٺا شاعر ٿي گذريا هئا. -ان- لاءِ شاعري ڄڻ سندس ورثو هئي. ابتدا ۾ ڪافيون، ڪلام، -بيت-، ڏوهيڙا ۽ سه حرفيون لکيائين. 56-1955 ع کان حافظ احسن چنا کان -اصلاح- ورتائين. 1969ع ۾ احمد مجتبيٰ، غالب ملڪاڻي سجاده نشين درگاهه ملڪاڻي شريف کان -اصلاح- ورتائين. 1971ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”دارو رسن“ ڇپيو. 1973ع ۾ ”مشيڪ ختن“، 1985ع ۾ ”نوادر الڪرامات“ حضرت ملڪاڻي جي ڪرامتن تي ڪتاب ڇپايائين. -ان- کان سواءِ به ڪيترو ڪلام اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول -ٽلٽي- جو هيڊ ماستر ٿي رٽائر ٿيو. هن وقت -ٽلٽي- ۾ رهي ٿو، سندس پٽ ڊاڪٽر اڪرم دائودپوٽو به شاعري ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]