سون جو هڪ سِڪو. مُهر، رَتو ٽَڪو. جدا جدا ملڪن ۽ حڪومتن ۾ اشرفيءَ جي -تور- مختلف رهي آهي. سنڌ ۾ عام طرح -انگريزي- دور واري ”گِني“ هلندڙ هئي، جنهن جي -تور- ڏهه ماسا ليکي ويندي آهي.[1]