اشتياق اظھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحافي، شاعر، سياسي تجزيه نگار ۽ سياسي اڳواڻ، -اشتياق اظهر- 3 مئي 1924ع تي ڪانپور (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو سيد ذوالفقار حسين رضوي هو. -اشتياق اظهر- بي. اي تائين -تعليم- علي ڳڙهه ۽ ڪانپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي. عملي صحافت جي شروعات 1946ع کان روزانه ”تنوير“، لکنؤ جي نمائندي جي حيثيت سان ڪيائين. -ان- کان پوءِ بيشمار اخبارن سان لاڳاپيل رهيو، -جن- ۾ ”امروز“، ”نواءِ وقت“ ۽ ”جنگ“ (ڪراچي) قابل ذڪر آهن. مسلم ليگ ۾ ڪيترين ئي حيثيتن سان ڪارڪن ٿي ڪم ڪيائين. 1953ع کان 1957ع تائين ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ حڪومت سنڌ جو انفارميشن آفيسر رهيو. 1957ع کان 1968ع تائين ڪراچيءَ، حيدرآباد، خيرپور ۽ سرگوڌا ڊويزنن جو اسسٽنٽ انفارميشن ڊائريڪٽر ۽ 1968ع کان 1972ع تائين ڊائريڪٽر انفارميشن جي حيثيت ۾ سنڌ، -بلوچستان- ۽ ملتان ۾ ڪم ڪندو رهيو. ”حسرت موهاني ميموريل سوسائٽيءَ“ جو تاحيات صدر هو. ڪافي وقت ايم. ڪيو ايم جي مرڪزي رابطه ڪائونسل جو ميمبر رهيو. ايم. ڪيو. ايم جي اعليٰ قيادت سان اختلافن بعد هي ڪجهه عرصو خاموش رهيو. آخر مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. سندس انتقال 4 نومبر 1999ع تي ڪراچي ۾ ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]