اسڪئاليڊاءِ
ڊاگ فش شارڪDogfish sharks | |
---|---|
![]() | |
ڪرنگھيدار ڊاگ فش | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | اسڪئاليڊاءِ |
نسل | |
اسڪئاليڊاءِ(انگريزي: Squalidae) جنھن کي ڊاگ فش شارڪ يا سامونڊري ڊاگ شارڪ بہ چوندا آهن.[2] شارڪ مَڇين جو هڪ ڪُٽنب آهي. اھي مڇيون اسڪئاليفارمز ترتيب ۾ شامل آهن. ھنن مڇين جي پٺيءَ تي ٻه کنڀڙيون (fins) ٿينديون آهن جن ھيٺان ان جو لسو ڪرنگھو ھوندو آھي. کين مقعد واري کنڀڙي (anal fin) ڪانہ ٿيندي آھي. انھن جي کل ھٿ لڳائڻ سان تمام کنھري لڳندي آهي.[1] شارڪ جي ٻين قسمن جي ابتڙ ھن جنس جي مڇين ۾ وھ يا زھر ھوندو آھي جيڪو سندس پٺيء جي ڪرنگھي ۾ ھوندو آھي جيڪو انسانن تي ھلڪو اثر ڪندو آهي. ھن مڇين جي مٿين ۽ ھيٺين ڄاڙين ۾ ھڪجيتري ماپ وارا ڏند ھوندا آھن.ھي مڇيون گوشت کائيندڙ ھونديون آھن جيڪي پاڻ کان ننڍن جاندارن کي کائينديون آھن. ھنن مڇين جي جيري ۽ معدي ۾ اسڪئاليمائن مرڪب ھوندا آھن. اھي ماده انسانن ۾ ننڍين رت جي نسن کي گھٽائڻ جي خاصيت رکندا آهن.ھنن مڇين جا ٻہ نسل آھن:اسڪئالس جنھن ۾ ڪيتريون ئي جنسون ٿين ٿيون؛ سرھيگيليئس(Cirrhigaleus) جنھن ۾ ٽي جنسون ملن ٿيون.
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 Froese, Rainer, and Daniel Pauly, eds. (2009). "Squalidae" فش بيس ۾. January 2009 نسخو.
- ↑ Script error: No such module "template wrapper".