اسپارٽا جو فوجي ڪميونزم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنجين صدي ق م جي ھڪ ھيلميٽ ۾ اسپارٽن فوجي جو ماربل جو مجسمو جيڪو يونان جي ليونائيڊس آرڪيالاجيڪل ميوزيم ۾ رکيل چوڻ ۾ اچي ٿو.


اسپارٽا جو فوجي ڪميونزم(انگريزي: Spartan Military Communism) پراڻي زماني ۾ بلقان ٻيٽ جو سڀ کان ڏاکڻو علائقو اسپارٽا سڏبو هو. هيءُ نج زرعي علائقو هو. اتي ڊورين قوم جا ماڻهو آباد هئا ۽ انهن جو بنيادي ڌنڌو ٻني ٻارو ڪرڻ هو. اسپارٽا جي اتر ۾ ايٿنـز جو علائقو هو. اتي آيونين قوم جا ماڻهو آباد هئا. انهيءَ نالي پٺيان اڳتي هلي هن سڄي ملڪ کي يونان ۽ اتان جي ماڻهن کي يوناني سڏيو ويو. ايٿنـز جا ماڻهو واپاري هئا ۽ سامونڊي واپار ۾ انهن جي جتيءَ ۾ ڪو پير وجهي نه سگهندو هو. آيونين ۽ ڊورين قومون هڪ ٻئي جون حريف قومون هيون. ايٿنـز ۽ اسپارٽا، ٻنهي جاين تي شهري رياستون قائم هيون جيڪي مڙئي پيون هڪ ٻئي جي ڪن-مهٽ ڪنديون هيون. اسپارٽا جي سماجي سڌارن جو ذڪر سڀ کان اول تاريخ جي ابي هيروڊوٽس (484-425 ق.م) جي تصنيف ”تاريخ“ ۾ ملي ٿو. هو لکي ٿو:

"قديم دؤر ۾ سڄي يونان ۾ سڀ کان وڌيڪ خراب حڪومت جيڪڏهن ڪا هئي، ته اها هئي اسپارٽا. اهي ڌارين سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رکندا هئا، پر هينئر انهن جي حڪومت ڏاڍي سٺي آهي.“

— تاريخ، ھيروڊوٽس
لائي ڪرگس جي مورت آمريڪا جي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي عمارت تي بطور تاريخ جي جي وڏن قانونسازن مان ھڪ ھجڻ ڪري لڳايل

ان کان پوءِ هو ان حيرت جهڙي تبديليءَ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو:

”اسپارٽا جو لائي ڪرگس نالي هڪ عمدو شهري هڪ ڀيري ڊلفي جي مندر ۾ ويو. اتان جي وڏي پوڄاريءَ (مها پروهت) هن تي حڪومت هلائڻ جا اهي طريقا ظاهر ڪيا، جيڪي اڄ تائين اسپارٽا ۾ رائج آهن، پر اسپارٽا وارن جو چوڻ آهي ته لائي ڪرگس جڏهن اسپارٽا جي اڳوڻي بادشاهه ۽ پنهنجي ڀائٽي ليوتس جو استاد مقرر ٿيو، تڏهن هن اهي قانون ڪريٽِ مان حاصل ڪيا، ڇو ته استاد ٿيڻ کان هڪدم پوءِ هن اسپارٽا جي قانون ۾ بنيادي تبديليون ڪيون ۽ ان ڳالهه جو به پورو بندوبست ڪيو ته ڪو ماڻهو انهن قانونن کي رد ڪري نه سگهي، پوءِ هن فوج جي نئين سر تنظيم ڪئي ۽ گڏيل لنگر (کاڌي کائڻ) کي رائج ڪيو.“

— (ص: 73. باب 1)، تاريخ، ھيروڊوٽس

[1]

اسپارٽن فوجين جو ھيلميٽ جيڪو برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي

.

فوجي ھيلميٽ


پلوٽارخ مطابق اسپارٽن قانونساز لائڪرگس(انگريزي: Lycurgus) کي ھن زبردست فوجي نظام جي قيام جو باني سمجھيو ويندو آھي.[2]اسپارٽا کي سرن بدران ماڻھن جي ديوار سان تشبيهه ڏيندڙ لائيڪرگس سماج کي فوجي معاشرو بڻائڻ لاءِ مردن جي طاقت ، فوج ڀرتي لاء موزونيت ۽ رياضت (انگريزي: austerity) ۾ برابري کي اھميت ڏيندي ٻارن جي چونڊ تمام ننڍپڻ ۾ ڪرڻ شروع ڪئي وئي. بزرگن جي ڪائونسل گيرئوسيا ٻارن جو معائنو ڪري ڪمزور ۽ معذور ٻارن کي ڌار ڪري ٽئيگيٽس جبل تي مرڻ لاءِ ڦٽي ڪرائي ڇڏيندا ھئا اھا روايت ايٿينز ۾ بہ ھئي. جيڪي ٻار مضبوط ۽ صحتمند ھوندا ھئا انھن کي ستن سالن جي عمر ۾ اچڻ وقت سخت فوجي تربيت لاءِ چونڏيو ويندو هو [3] ول ڊيورنٽ جي راءِ آهي ته اسپارٽا جا قانون ۽ دستور ڪنهن هڪ شخص ڪو نه لکيا، پر مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن اهو ڪم پئي ڪيو، سڌارن جي شروعات شايد لائي ڪرگس ڪئي تنهنڪري پوءِ ڪيل سڌارا به سندس نالي منسوب ٿي ويا. جڏهن لائي ڪرگس استاد قرر ٿيو، تڏهن اسپارٽا جي زرعي زمين ڪجهه گهراڻن جي ملڪيت هئي باقي ٻيا ماڻهو هارين يا سرڙين جيان ٻنين ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻنيءَ تي انهن جو ڪو حق نه هو. لائي ڪرگس آباد زمين جا 39-هزار هڪ جيترا ٽڪرا ڪيا ۽ انهن کي کيڙيندڙن ۾ هڪ جيترو ڪري ورهايو[1].[4]اسپارٽا جي سياسي تنظيم به يونان جي ٻين شهري رياستن کان مختلف هئي. لائي ڪرگس جي دستور مطابق اتي ٻه بادشاهه هوندا هئا ۽ ٻنهي کي لڳ ڀڳ هڪ جيترا اختيار هئا. هڪڙي مجلس شورى (صلاحڪارن جي ٽولي) هئي جنهن جا ٻنهي بادشاهن سميت ٽيهه ميمبر هوندا هئا. مجلس شورى جي ميمبرن لاءِ 60 سالن کان وڏو هئڻ ضروري هو. ڄڻڪ هيءَ بزرگن جي ٽولي هئي. هن ٽوليءَ کي اسپارٽا جا شهري سڄي عمر لاءِ چونڊيندا هئا پر شهر جا سکيا ماڻهو ئي هن ٽوليءَ جا ميمبر ٿي سگهندا هئا.

اسپارٽن فوجي
اسپارٽن فوجي جو ڪاسٽيوم

ان کان سواءِ هڪ شهري اسيمبلي به هئي. ٽيهن سالن کان وڏي عمر جو هر شهري هن جو ميمبر هوندو هو. هڪ مهيني ۾ هڪ گڏجاڻي ضرور ٿيندي هئي. هيءَ اسيمبلي مجلس شورى جي چونڊ ڪندي، مئجسٽريٽ (منصف، عدل ڪندڙ، جج) ۽ مُکي (Ephors) مقرر ڪندي ۽ جنگ يا صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪندي هئي. ظاهري طرح سمورا اختيار اسيمبليءَ جي هٿ ۾ هئا، پر حقيقت ۾ اسپارٽا جي اڇي ڪاري جا مالڪ مُکي هوندا هئا. شروع ۾ پنجن ڳوٺن ملي اسپارٽا جو شهر ٺاهيو هو ۽ هر ڳوٺ جو هڪ مکي هوندو هو، تنهنڪري اسپارٽا ۾ پنجن مُکين جي ريت پئجي وئي. مکين کي ڏاڍا وسيع اختيار حاصل هئا. هو بادشاهه کي به پنهنجي عدالت ۾ سڏڻ جا حقدار هئا. دِيواني مقدمن جي سڀ کان مٿاهين ڪرسي (عدالت) انهن جي هئي ۽ امن ۽ قانون جو تحفظ به انهن جي حوالي هو. پر اسپارٽا جي هر ماڻهوءَ کي شهري حق حاصل نه هئا. اهو رتبو رڳو انهن ڪجهه هزار ماڻهن کي حاصل هو جن جو تعلق ڊورين قوم سان هو. آباديءَ جي وڏي گهڻائي، جنهن کي هيلات (Helots) سڏيندا هئا، شهريت جي سڀني حقن کان محروم هئي. هيلات حقيقت ۾ اسپارٽا جا قديم رهاڪو هئا يا غلام. هو اسپارٽا جي شهرين جي زمين يا گهرن ۾ ڪم ڪندا هئا. مالڪ انهن کان هر سال 120 بشل اناج ۽ مقرر مقدار ۾ شراب ۽ ميوا وٺندا هئا. باقي بچيل پيداوار غلام پنهنجي استعمال ۾ آڻيندا هئا. انهن ماڻهن (غلامن) جي حياتي ڏاڍي ڏکي هئي. هر سال غلامن جو عام قتل اسپارٽا جي عجيب ريت هئي. اهڙي وقت غلامن جي وسندين تي باقاعدي ڪاهون ٿينديون هيون ۽ مخبرن (چغلن) جي رپورٽ مطابق خود سَر (مٿي ڦرين) ۽ باغي غلامن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويندو هو. انهن ظلمن جي ڪري اسپارٽا ۾ غلامن جون بغاوتون پيون ٿينديون رهنديون هيون. اسپارٽا ۾ حقيقت ۾ هٿياربند سفيد پوش شهرين جو راڄ هو، تنهنڪري لائي ڪرگس جي سڀني اقتصادي ۽ سماجي سڌارن جو اڪيلو مقصد سٺا سپاهي پيدا ڪرڻ هو. سفيد پوش شهرين سڄي ملڪ کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ هر شخص جي زندگي رياست جي فوجي ضرورتن جي پابندي ڪندي هئي. غلام غذا جو سامان پيدا ڪندا هئا ۽ شهرين جي تعليم ۽ تربيت اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي هئي جو انهن جا جسم ته سگهارا ۽ مضبوط هجن پر انهن جي ذهن ۾ ملڪي قانونن جي اطاعت کان سواءِ ٻيو ڪو خيال به نه اچي سگهي. ڇوڪرن کي ستن سالن جي عمر ۾ ئي گهر وارن کان ڌار ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت رياست جي نگهبانيءَ ۾ ٿيندي هئي. ٽيهنِ سالن جي عمر تائين انهن کي بيرڪن ۾ رکيو ويندو هو. اتي انهن کي ڪشتي وڙهڻ، ترڻ، ڊوڙڻ، سواري ڪرڻ، تلوار، نيزا ۽ تير هلائڻ، مطلب ته اهي سمورا هنر سيکاريا ويندا هئا جن سان بدن ۾ ڦڙتي ۽ طاقت اچي. پارا پوَن يا باهه وَسي، انهن کي هر موسم ۾ کليل آسمان هيٺ تڏي تي سمهڻو پوندو هو، ته جيئن جسم هر قسم جي سختيون سهڻ جو عادي ٿي وڃي. هر سال قومي ڏڻ جي موقعي تي انهن کي آريمٽس ديوتا جي عبادتگاهه ۾ ايترا دفعا ٽڪا هنيا ويندا هئا جو زمين انهن جي رت جي رنگ سان ريٽي ٿي ويندي هئي. انهن کي پڙهڻ لکڻ به سيکاريو ويندو هو پر بس واجبي. اسپارٽا جي حڪمرانن کي نه علم ۽ حڪمت سان واسطو هوندو هو ۽ نه ڊرامي، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ سان. هنن کي ته رڳو تندرست ۽ ويڙها سپاهي گهربا هئا.[1]اسپارٽا ۾ ڇوڪرين جي جسماني صحت جو به پورو پورو خيال رکيو ويندو هو، تنهنڪري ورزش، ڪشتي وڙهڻ ۽ ڊوڙڻ انهن لاءِ به لازمي هو. ڏڻن جي موقعي تي مقابلي جي راندين ۾ هو ڇوڪرن جون مخالف ٿي شريڪ ٿينديون هيون. اهو ئي سبب آهي جو هو ايٿنس جي عورتن وانگر نازڪ ۽ گهريلو نه هيون. انهن جي سماج ۾ عورتن جو مڙس کان سواءِ ٻي مرد سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ عيب نه سمجهيو ويندو هو، پر ان شرط تي ته ان جو مقصد صحتمند اولاد پيدا ڪرڻ هجي، تنهنڪري پروفيسر بري لکي ٿو، ته اسپارٽا ۾:

”ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏجي جمناسٽڪ جي تربيت حاصل ڪنديون هيون. اها ورزش هو ذري گهٽ اگهاڙيون ٿي ڪنديون هيون. انهن کي جيڪا آزادي حاصل هئي اها يونان جي ٻين رياستن ۾ ڪنڊائتو ٿي رهندڙ عورتن کان مٿڀرو ڪندي هئي. ان باوجود انهن جي پاڪدامنيءَ ۽ عصمت جو آواز پري پري پيو ٻڌبو هو. ها، اهو به هو ته حڪومت جيڪڏهن انهن کي ملڪ جي مفاد لاءِ ٻار پيدا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هئي ته ان جي پوئواريءَ لاءِ کين ذرو به نهڪر نه هوندي هئي، ڀلي کڻي ان حڪم جي ڪري سندن گهريلو رشتن جي پاڪائيءَ تي حرف ڇو نه اچي.“

— J.B. Bury، [5]
اسپارٽن فوج فيلينڪس واري صورت ۾ وڙھندي ھئي .

اسپارٽا ۾ نئون ڄاول ٻار رياست جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو. ڪو ٻار جيڪڏهن بيمار، ڏٻرو يا عيبدار پيدا ٿيندو هو، ته ان کي جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ اڇلائي ماريو ويندو هو. سماجي روايتن ۽ رياستي ضابطن جي ڪري اسپارٽا جي شهرين جي ذهنيت ڪجهه اهڙي قسم جي ٿي وئي هئي جو رِيس ۽ ساڙ انهن ۾ هيو ئي ڪو نه. پلوٽارڪ جي چوڻ موجب، ان ڪري لائي ڪرگس رِيس ۽ جنسي هڪ هٽيءَ تي ٽوڪ منجهان کلندو هو ۽ ماڻهن جي ذهنيت تي مرڪندو هو ته ”اهي پنهنجن ڪُتن ۽ گهوڙن جو خيال ٿا رکن ۽ انهن مان عمدو نسل حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا خرچ ٿا ڪن، پر پنهنجين زالن کي گهرن ۾ بند ٿا رکن ته جيئن انهن جو اولاد سندن ئي نطفي مان پيدا ٿئي، پوءِ ڀل ته اهو اولاد ڪيترو ئي احمق، ڏٻرو ۽ بيمار ڇو نه هجي.“ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسپارٽا جا مرد ۽ عورتون پنهنجي سگهه سونهن ۽ تندرستيءَ جي ڪري سڄي يونان ۾ مشهور هيون.[1]

نظام جو خاتمو[سنواريو]

لڳ ڀڳ 200 سالن تائين (560-380 ق.م) اسپارٽا جي اقتدار جو جهنڊو جهوليندو رهيو. ان وچ ۾ هن پنهنجي سڀ کان وڏي حريف ايٿنز کي هَر هَر هارايو ۽ اڻ ڳڻ لڙاين ۾ پنهنجي طاقت جو زور مڃايو، پر ڪو به سماج، جنهن جو بنيادي مقصد جنگ ۽ جدل تي هجي ۽ جيڪو ملڪ جي گهڻائيءَ کي غلام بنائي انهن جي پورهيي سان پنهنجي قوت ۽ دولت جا محل اڏائي، پائدار نه ٿيندو آهي. پوءِ اهو به ٿيو، ته جنگي سوڀن ۾ جيڪو مالِ غنيمت هٿ آيو ان جي ڪري خود شهرين ۾ طبقاتي فرق جو واڌارو ٿيو. زمينون، جيڪي لائي ڪرگس جي اصول موجب سڀني شهرين ۾ هڪ جيتريون ورهايل هئڻ گهربيون هيون، اسپارٽا جي سَو گهراڻن تائين پابند ٿي ويون ۽ اسپارٽا جو سماج به يونان جي ٻين رياستن وانگر ٿي ويو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛. ليکڪ: سبط حسن)
  2. Plutarch, The Life of Lycurgus (written 75, trans. John Dryden 9999), The Internet Classics Archive
  3. Hodkinson, Stephen (1996). "Agoge". in Hornblower, Simon. Oxford Classical Dictionary. Oxford: Oxford University Press. 
  4. ( Will Durant: The Life of Greece. P- 77. New York. 1939)
  5. J.B. Bury: A History of Greece. P- 133. New York. 1944.